ڊگهڙي ۾ 2 معصوم ٻارڙا پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت، علائقي ۾ سوڳ

ڊگهڙي(رپورٽ: ڀاون شاهه ) ڊگهڙي شھر جي عمرالدين ٽائون ۾ ٻه سڳا سئوٽ ڇهھ سالن جو چندر ولد مدن لال لوهار ۽ پنج ورهين جو هتيش پٽ واشو لوهار راند کيڏڻ لاءِ گهران نڪتا ۽ گهرن ڀرسان تعمير ٿيندڙ حوض(پٽ واري ٽانڪي) ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويا گهر ڀاتين ٻارڙا گم ٿيڻ بعد سندس ڳولها شروع ڪئي ته ڪافي ڪلاڪن کانپوء پاڻي واري ٽانڪي ۾ ٻارن کي ڪريل ڏسي ٻنهي ٻارن جا لاش پاڻي مان ٻاهر ڪڍي فوري طور تي تعلقي اسپتال ڊگهڙي کڻائي پهتا جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي ٻنهي ٻارن جو فوت ٿيڻ جي اطلاع تي ٻارڙن جا والدين ۽ عزير اوڇنگارون ڏئي روئندا رهيا ته ماحول سوڳوار ٿي ويو فوتي ٻنهي ٻارڙن جا لاش سندس وارث گهر کڻائي پهتا ته ڪهرام مچي ويو،. جڏهن ته ٻن ٻارن جي فوتگي واري واقعي بعد علائقي ۾ سوڳ جي لهر چانئجي وئي آهي. …………………..

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.