سجاول لڳ نوجوان زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو

سجاول( رپورٽ: امتياز علي سومرو ) سجاول لڳ نوجوان پاڻ مٿان فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيو، خبر موجب سجاول لڳ سيدپور ۾ 25 سالا نوجوان علي حسن جماري مبينا طور پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو آهي خودڪشي ڪندڙ نوجوان جي لاش کي سول اسپتال سجاول آندو ويو جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته نوجوان پاران ڪيل خودڪشي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نوجوان اڳ به خودڪشي جي ڪوشش ڪري چڪو هو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.