اڏيري لعل لڳ عورت اغوا جي ڪوشش

اڏيرولعل وليج (ن ع آ ) اڏيرولعل لڳ ڳوٺ شير محمد ٺوڙها ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار ڪري ڪراچي کان آيل ٻن هٿياربندن شيراز ولد وليمحمد خاصخيلي ۽ شهزور ولد نصير چوهاڻ پاران ماجد خاصخيلي جو اڪيلو گهر ڏسي گهرڀاتين تي هٿيار تاڻي مسمات نصرت زال ماجد خاصخيلي کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پاڙي ۾ رهندڙ شخص وسايو خاصخيلي جي مداخلت تي جوابدارن طرفان مٿس هوائي فائر ڪيو ويو.جنهن تي ٻين پاڙي وارن طرفان هڪلون ڪرڻ تي جوابدارن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جن کي  اڏيرولعل وليج پوليس پاران ناڪابندي ڪرائيندي کيبراڻي پوليس جي مدد سان کيبراڻي پوسٽ ويجهو روڪيو ته جوابدار پاران ايس ايڇ او کيبراڻي تي به پسٽل تاڻي وڌو پر پوليس جي انتهائي جرئت مندي جو مظاهرو ڪندي ٻنهي جوابدارن کي هڪ عدد پسٽل ۽ ون ٽو فائي موٽر سائيڪل سميت گرفتار ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.