ڏيپلي لڳ تشدد ڪري ناري کي قتل ڪرڻ جو الزام، ڏير گرفتار

ڏيپلو (رپورٽ:ساگر ڏيپلائي) ڏيپلو جي ڳوٺ پانيلي ۾ پراسرار نموني  فوت ٿيڻ وارو معامرو، ناري رخسانه لنڊ کي وحشياڻي تشدد بعد بعد گهٽائي ڏئي مارڻ جو انڪشاف۔ مڙس سميت ساهرن تي قتل  ڪيس داخل، هڪ ڄڻو گرفتار۔ خبر موجب ڏيپلو جي ڳوٺ پانيلي ۾گذريل ڏينهن فوت ٿل ناري رخسانه کي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي۔ اهڙو انڪشاف ناري جي پيءُ محمد حسين لنڊ ڪيو۔   پوليس ناري جي پيءُ جي فرياد تي مڙس غلام سرور لنڊ  سوهرو ۽ ٻن ڏيرن مٿان قتل ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ۽  ناري جي  ڏير کي گرفتار ڪري لاڪپ  ڪيو ويو آهي۔ ناري جو لاش ڏيپلو اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ۔ ناري جي پيءُ محمد حسين لنڊ جو چوڻ آهي ته   رخسانه جي  5 مهينا اڳ شادي ڪئي هئي، سندس مڙس غلام سرور لنڊ  ۽ گهر ڀاتي هميشه تشدد ڪندا هئا جنهن جون شڪايتون پاڙي وارن کي به ڏيندا رهياسين۔ پر ڪو به فرق نه ٿيو۔ هن وقت به منهنجي نياڻي کي مڙس،سهري ۽ ڏيرن  تشدد بعد گهٽا ڏئي قتل ڪيو ۽ پو۽ هنن آپگهات جو ڊرامون ڪيو۔ ۔ٻي پاسي  پوليس جو چوڻ آهي ته  ناري جي مائٽن جي چوڻ مطابق  ساهرن قتل ڪري لاش ٽنگي ڇڏيو هو ۽ آپگهات جو رنگ ڏنو هو ۔ انهن جي خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ هڪ ڄڻي کي گرفتار به ڪيو آهي۔ وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.