ڪنڌڪوٽ ۾ نادرا عملي جي زيادتين جي خلاف احتجاج

ڪنڌ ڪوٽ (ڊ ر )ڪنڌ ڪوٽ  نادرا عملي جي زيادتين جي خلاف ايس ٽي پي پاران پريس ڪلب آڏو گھايل سنڌي، سلطان نندواڻي، ڪوڙو، امداد ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج  ڪيو انھي دوران اڳواڻن  چيو ته نادرا عملو اٻوجھ ڳوٺاڻن  کي پريشان ڪري پيسا وٺي ڪري ڪارڊ ٺاهي ڏئي رھيا آهن، فيس کان وڌيڪ پيسا نه ڏيڻ تي ڪاغذن جا ڪوڙا بھاني ڪري واپس ڪن ٿا ۽ معززين سان رويو به صحيح نه ٿا ڪن نادرا آفيس ۾ سخت گرمي جي باوجود ڪا به سھولت نه ڏني پئي وڃي جنهن ڪري اسين احتجاج ڪيو آهي ميڊيا جي مدد سان نادرا انتظاميا جي اعلي اختياريون معاملي جو فوري نوٽيس وٺي ڪنڌ ڪوٽ نادرا عملي جي خلاف ڪارروائي عوام کي سھولتون ڏنيون وڃن ٻئي صورت ۾ اسان جو احتجاج جو سلسلو جاري رھندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.