ٽنڊو مير علي واسڻ ناري جي اغوا ڪوشش خلاف مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا

نواب شاهه /سيٺارجا/ ٽنڊو مستي (نمائندا) ٽنڊو مير علي واسڻ پرائيويٽ اسڪول ۾ ماسترياڻي طور نوڪري ڪندڙ نوجوان ناري ڪنول آرائين کي 10 ڏينهن اڳ گهر کان اسڪول ويندي ڪيري وين ۽ موٽر سائيڪل تي/ سوار جوابدارن پاران اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ۽ کيس بليڪ ميل ڪرڻ واري واقعي جا رهيل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف  مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا، ان ڏس ۾ نمائندن جي رپورٽن موجب نوابشاھ پريس ڪلب آڏو آرائين برداري جي ڊاڪٽر عبدالرزاق آرائين، ارشد آرائين ۽ ٻين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو، هوڏانهن ٽنڊومستي ۾ تنظيم آرائيان هي اڳواڻن غلام رسول آرائين نويد آرائين محمد يونس آرائين شھباز حنيف ايڊووڪيٽ عرفان آرائين سميت سول سوسائٽي ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته ميري خان ۾مرڪزي تنظيم آرائيان تعلقي ميرواهه جي ڪارڪنن پاران جميل احمد، محمد ياسين، ظفر اقبال، مظهر حسين، محمد ياسين آرائين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سيٺارجا شهر اندر احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو تہ جوابدارن پاران 10 ڏينهن اڳ ٽنڊو مير علي جي رهواسڻ ڪنول آرائين کي زبردستي اسڪول ويندي کنڀڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ۽ بعد ۾ ڪوڙو نڪاح نامو ٺهرائي بليڪ ميل ڪيو ويو جيڪو ڊي آء جي پاران ڪرايل انڪوائري ۾ ڪوڙو ثابت ٿيو جنهن واقعي جا  ميرواھ ٿاڻي تي ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل هجڻ باوجود پوليس ٻارنهن مان صرف 3 جوابدار گرفتار ڪيا آهن جڏهن تہ رهيل 9 جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪوبہ ڪردار ادا ناهي ڪيو ۽ گرفتار توڙي روپوش جوابدارن پاران ناري جي وارثن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ توڙي وڌيڪ نقصان رسائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيو ڃن هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته رهيل جوابدار گرفتار ڪري ناري ڪنول آرائين کي انصاف ۽ سندس خاندان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.