جهڏي ۾ ڪلوئي پوليس خلاف ٽرانسپورٽرن جو ٻئي ڏينهن به احتجاج

جهڏ(ت ر) جهڏي جي ٽرانسپورٽ يونين جي اڳواڻن، وسيم يوسف راهمون، شاهد راهمون شعيب سنڌي ۽ ٻين ڪلوئي پوليس جيزيادتين خلاف ميڊيا سينٽر جهڏو اڳيان احتجاج ڪندي چيو ته اسان جو گڊز ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار آھي اسان جي هڪ گاڏي ٿر مان قرباني جا اٺ لوڊ ڪري ڪراچي وڃي رهي هئي ڪلوئي پوليس ونگو موڙ تي گاڏي روڪي عيد خرچي جا هزار رپيا گهر ڪئي جيڪا اسان جيڪا نه ڏيڻ تي ڪلوئي ۽ کوسڪي پوليس گڏجي نوجوان ڊرائيور افتخار راهمي کي شديد تشدد جو نشانو بڻائي روڪ رقم گاڏي جا ڪاغذ ڦري ورتا ۽ صوبيدار راجڙ جي آفيس ۾ ٻھر تشدد ڪري گاڏي ڪلوئي ٿاڻي تي بيهاري ڇڏي هنن چيو ته ڪلوئي پوليس جو هي عمل شرمناڪ ۽ مذمت جوڳو آھي، هنن آئي جي سنڌ، ايس ايس پي ٿرپارڪر کي اپيل ڪئي آهي ته مامري جو نوٽيس وٺي ملوث پوليس خلاف ڪارروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.