خانپور مهر لڳ گهٽي تان جهيڙو، زال مڙس زخمي

خانپور مهر ( ن ع آ )  خانپورمهر لڳ جروار ٿاڻي جي حد ڳوٺ سلطان گبول ۾ گهٽي جي مسئلي تان جوابدارن حملو ڪري لٺيون هڻي غلام محمد گبول ۽ سندس زال حسينه گبول کي زخمي ڪري ڇڏيو خانپورمهر پوليس زخمي زال مڙس کي موبائيل ۾ کڻي خانپورمهر جي تعلقه اسپتال شيخ همدان بن محمد پهچايو زخمي زال مڙس ٻڌايو ته بااثر جوابدارن  خدا بخش گبول ، اظهار گبول ، امان الله، ، نياز احمد  ۽ ٻين اسان جو  جو رستو روڪي سخت تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو،۽ اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي هوڏانهن واقعي جو ڪيس وغيره  داخل نه ٿي سگهي آهي نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.