خطبه عرفات جو ترجمو 10 ٻولين ۾ نشر ڪيو ويندو: حج انتظاميا

مڪه (م ڊ) حج انتظاميا چيو آهي ته هلندڙ سال حج موسم دوران خطبه عرفات جو ترجمو 10 ٻولين ۾ نشر ڪيو ويندو جڏهن ته مسجد الحرام ۾ زائرين جي رهنمائي لاءِ 25 ٻولين جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. سعودي سڌ سماءُ وارن ذريعن مطابق حج انتظاميا جو چوڻ آهي ته خطبه عرفات جو ترجمو ٽي وي چينلز، ايف ايم ۽ سمارٽ ايپلي ڪيشنز پليٽ فارم تان نشر ڪيو ويندو. انتظاميا جي ماتحت اداري ترجمي جي سربراهه اعليٰ ٻڌايو ته ترجمي پروگرام سان زائرين کي ديني مسئلا ۽ حج حڪم سمجهڻ ۾ سهولت ٿيندي.

حج هدايتون فراهم ڪرڻ لاءِ 135 امام مقرر

مڪه ( م ڊ) سعودي عرب جي اسلامي معاملن واري وزارت 135 اسڪالرز ۽ عالمن کي حج دوران حج پانڌيئڙن کي حج جي رهنمائي ۽ لاڳاپيل سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي. عرب نيوز مطابق حج جي حڪمن بابت سوالن جا مڪمل جواب ڏيڻ لاءِ اهي عالم هر وقت دستياب هوندا. حج ۽ اسلامي معاملن واري وزارت طرفان واضح ڪيو ويو آهي ته اهو قدم سعودي قيادت جي هدايت مطابق کنيو ويو آهي. سوالن جي جوابن لاءِ 10 ٻولين ۾ اهو پروگرام ترتيب ڏنو ويو آهي جنهن ۾ عربي، انگريزي، فرانسيسي، ترڪي، هندي، اردو، هوسه، انڊونيشي، بنگالي، امهارڪ ٻولين ۾ جواب ڏنا ويندا.

اردن ۾ ٽريفڪ حادثو، 6 ڄڻا فوت، 4 زخمي

عمان (م ڊ) اردن ۾ ٻن ڪارن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڪار ۾ سوار ماءُ ۽ 5 ڌيئن سميت 6 ڄڻا فوت جڏهن ته ٻئي ڪار ۾ سوار 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. اردني خابرو اداري جي رپورٽ مطابق پوليس اختيارين چيو ته افسوسناڪ حادثو ملڪ جي اترئين صوبي المفرق جي هاءِ وي تي تيز رفتاري سبب پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪار ۾ سوار 6 ڄڻا فوت جڏهن ته ٻئي ڪار ۾ سوار 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ٽيمن فوتين جا لاش ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

يمني شهري اڳوڻي زال ۽ ڏيءُ کي دستي بم سان اڏائي ڇڏيو

صنعا (م ڊ) يمني شهري پنهنجي اڳوڻي زال ۽ 5 سالن جي ڌيءُ کي دستي بم سان اڏائي ڇڏيو. يمني اخبار مطابق صنعا جي رهائشي ٻڌايو ته منيره الحداد نالي عورت پنهنجي ڀاءُ سان گڏ اڳوڻي مڙس جي گهر پنهنجن ٻارن کي وٺڻ لاءِ پهتي جتي شهري پنهنجي طلاق يافتا، ٻارن ۽ ٻارن جي مامي تي دستي بم اڇلايو جنهن جي نتيجي ۾ عورت ۽ سندس 5 سالن جي ڌيءُ ٿڏي تي ئي مارجي ويا. ٻارن جو مامو زخمي ٿي پيو جڏهن ته ٽن سالن جو پٽ معجزاڻي طور بچي ويو.

امريڪي رياست ٽيڪساس ۾فائرنگ، پوليس اهلڪار اجل جو شڪار

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي رياست ٽيڪساس جي گهر ۾ موجود شخص جي فائرنگ سان هڪ پوليس اهلڪار ۽ ٽي زخمي ٿي پيا آهن .فرانسيسي خابرو اداري موجب مقامي اخبار لب بوڪ ايوالانچ جنرل جي هڪ رپورٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته اهو واقعو گذريل ڏينهن لب بوڪ ڪائونٽي جي اولهندي علائقي هر ليول لينڊ ۾ ان وقت ٿيو جڏهن هڪ گهر ۾ موجود هٿيار بند پوليس اهلڪار ن تي فائرنگ ڪئي ان سان هڪ اهلڪار اجل جو شڪار  ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن انهن مان بن جي هالت ڳڻتي جوڳي آهي.

آئيوري ڪوسٽ :  مسافر ڪوچ ۽ مني بس وچ ۾ ٽڪر، 25 ماڻهو  فوت

عابد جان (م ڊ) اولهه آفريقي ملڪ آئيوري ڪوسٽ ۾ مسافر ڪوچ ۽ مني بس ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 25 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 31 زخمي ٿي پيا آهن . فرانسيسي خابرو اداري موجب آئيوري ڪوسٽ جي ٽرانسپورٽ واري وزير امدوڪون گذريل ڏينهن ٻڌايو ته اهو حادثو گادي واري شهر عابد جان کان 100 ڪلو ميٽر جي فاصلي تي ٿيو آهي . جنهن جي نتيجي ۾ 25 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 31 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن .حادثي جو سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ جاري آهي.

لکين ٻار ضروري ويڪسين کان محروم آهن: گڏيل قومون

نيويارڪ (م ڊ) گڏيل قومن امڪاني طوفان کان خبردار ڪندي چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا سبب سڄي دنيا جا لکين ٻار بنيادي ويڪسين جي سهلت کان پڻ محروم ٿي ويا آهن. جرمن نشرياتي اداري مطابق تازن انگن اکرن ۾ چيو ويو آهي ته گذريل سال اٽڪل 23 ملين ٻار خناق، ٽيٽنس ۽ ڪاري کنگهه جهڙن انفيڪشنز جي معمول جي ٽڪن کان محروم ٿي ويا آهن. صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايچ او) ۽ يونيسيف ان سلسلي ۾ جيڪي انگ اکر شايع ڪيا آهن انهن مطابق 2019 ۾ اهو انگ رڳو 37 لک هو جيڪو گذريل سال وڌي 2 ڪروڙ 30 لک تائين پهچي ويو. يونيسيف ان بابت پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو آهي ته گذريل سال دوران اٽڪل هڪ ڪروڙ 70 لک ٻارن کي هڪ به ضروري ٽڪو ناهي لڳي سگهيو جيڪو ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو ته ويڪسين تائين پهچ ۾ ڪيتري اڻ برابري آهي. سڀني کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ ڀارت، ميڪسيڪو ۽ مالي جو نالو آهي. گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته انهن ملڪن ۾ ٻارن جي زندگين کي بچائڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

جرمني ۾شديد برسات ۽ ٻوڏ، فوتگين جو انگ 80 ٿي ويو

برلن (م ڊ) جرمني ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب فوتگين جو انگ 80 ٿي ويو آهي جڏهن ته 100 کان به وڌيڪ گم آهن . جڏهن ته 1500 فوجي پوليس ۽ ريسڪيو اهلڪارن کي امدادي ڪاروائين لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي هيلي ڪاپٽر جي مدد سان ڇتن تي موجود ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي برطانوي خابرو اداري موجب جرمن چانسلر انجيلا مرڪل برساتن ۽ ٻوڏ متاثري کي مڪمل سهڪار جو يقين ڏيارو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.