ڊگهڙي ڀرسان نوجوان کي نانگ ڪکي ورتو

ڊگھڙي(ت ر)ڊگهڙي ڀرسان بدين ضلع جي ڳوٺ حاجي ڏتل ڀرڳڙي جي رهواسي 35ورهين جي غلام حيدر ولد محمد سيال کي زرعي زمين تي گاھ ڪندي کيس نانگ ڪکي وڌو جنهنکي سندس وارث تعلقي اسپتال ڊگهڙي پهچايو جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد فراهم ڪري سندس حياتي بچائي ورتي

ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي  پاران جمال شاهه ۾ ڌرڻي جون دعوتون

جمال شاهه (ن ع آ) جسقم جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي 18 جولاءِ تي نوابشاھ ۾ ڌرڻي کي ڪامياب بنائڻ جي سلسلي ۾ جمال شاھ شھر پھچي ڪارڪنن کي دعوتون ڏنيون، جنھن بعد پريس ڪلب جمال شاھ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بحريه ٽائون وارن پاڻ ڪيميڪل سان باھ ڏياري نقصان ڪيو، ھزارين قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، اڳواڻن جي آزاي لاءِ 18جولاءِ تي ھزارين ماڻھن سان نوابشاھ ۾ ڌرڻو ھنيو، جڏھن ته ان موقعي تي سرفراز ميمڻ، رضا خاصخيلي، ڊاڪٽر الھرکيو، عبدالقيوم مھر ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.