باڊهه ۾ گندگي، ٽائون انتظاميا خلاف سياسي سماجي اڳواڻن جو احتجاج

باڊهه ( ن ع آ ) باڊھه جي ساڃاهه وندن ڪامريڊ عزيز بروهي، ڪامريڊ قادر بروهي، منور نوناري، اصغر نوناري، وڏيرو ميهر جوڻيجو، علي انور عسڪري، زيب علي ساريو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽائون انتظاميا هڪ ته صفائي سٿرائي جي عمل ۾ سستي جو مظاهرو ڪندي آهي، جڏهن ته ميڊيا تي مسئلي اچڻ بعد روايتي  صفائي ڪئي ويندي آهي. هنن چيو ته درگاه شريف مسجد، حاجي علي اصحابو پير جي مزار باڊھه شهر جي اهڃاڻ آهي جتي گندگي جو آزار 12 ئي مهينا برقرار رهي ٿو. ٻيو ته هي روڊ سرڪاري اسپتال ۽ بوائز هاءِ اسڪول ڏانهن ويندڙ مين روڊ آهي، جنهن تي هر وقت ماڻهن جو هجوم هجي ٿو، ان کان علاوه قديمي قبرستان درگاه شريف جتي ميتن جي تدفين ۽ جنازه نماز پڻ ادا ڪئي ويندي آهي جنهن سبب نمازين کي پڻ شديد مشڪلاتن سان منهن ڏسڻو پوي ٿو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.