اسلام اسان کي اجتماعيت سيکاري ٿو:ڊاڪٽر غلام ياسين

گلشن اقبال (ن ع آ ) مرڪزي اڳواڻ اصلاح المسلمين ڊاڪٽر غلام ياسين چيو آهي ته اسلام هڪ سچو مذهب آهي جيڪوجتماعيت سيکاري ٿو اهڙن خيالن جو اظهار ذڪريا ڳوٺ لڳ ٽول پلازه ۾ جامع مسجد سيدنا صديق اڪبر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو هن وڌيڪ چيو ته دين اسلام کنڊريل موتين کي هڪ هار ۾ پوئي مالها ٺاهي ٿو مسجدون ان ڳالهه جو ثبوت آهن جتي هر امير ۽ غريب، شاهه توڙي گدا بغير ڪنهن فرق جي هڪ صف ۾  گڏ بيهي پنهنجي پروردگار جي عبادت ڪن ٿا دنيا جو ڪو به شاهي محل الله پاڪ جي گهر مسجد جو مقابلو ڪري نه ٿو سگهي ان موقعي تي جميعت علماء طاهريا اوڀر جي صدر علامہ محمد حسان طاهري، مولانا عطاالله مگسي،علامہ غلام عباس پنهور، مولانا منور علي طاهري، مولانا مقبول احمد طاهري، حبيب الله طاهري، علامه نبي بخش طاهري، حافظ علي احمد طاهري سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

ملير ۾ سماجي تنظيم پاران آبادي جي موضوع تي سيمينار

ملير (ڊ.ر) آبادي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پاپوليشن ويلفيئر ۽ هينڊز پاران سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ سياسي، سماجي اڳواڻن سميت عورتن جي وڏي انگ جي شرڪت، وڌندڙ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ان حوالي سان عوام ۾ سجاڳي جي ضرورت آهي، اڳواڻ، خبر موجب ؛ پاپوليشن ويلفيئر ۽ هينڊز پاران آبادي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ڄام ڪنڊو ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ غلام مرتضيٰ يار محمد، پاپوليشن جي ضلعي آفيسر قاضي نديم سرور، ڊسٽرڪٽ ايگزيڪٽو مينيجر خليل واڍيلو سميت عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته آبادي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان سيمينار ڪوٺائڻ بهترين عمل آهي جنهن سان عوام ۾ سجاڳي پيدا ٿيندي، هنن چيو ته آبادي ڪافي حد تائين وڌي رهي آهي ان کي روڪڻ ضروري آهي، ان تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ عوام ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ مهم هلائي وڃي ته جيئن وڌندڙ آبادي تي ڪنٽرول ڪري سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.