داسو ڌماڪو، جاچ گهڻ رُخي ٿيڻ گهرجي

ايڊيٽوريل

ڪي پي ڪي ضلعي ڪوهستان جي علائقي داسو ۾ ٿيل بم ڌماڪي جي جاچ مختلف رخن کان هلندڙ آهي جنهن متعلق سڌسماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌريءَ جو چوڻ آهي ته داسو  بم ڌماڪي جي شروعاتي جاچ تخت واقعي ۾ ڌماڪيدار مادي جي استعمال جي تصديق ٿي وئي آهي، سندس چوڻ آهي ته اهڙي ڌماڪي ۾ دهشتگرديءَ جي امڪان کي رد نه ٿو ڪري سگهجي سندس اهو به چوڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان داسو واقعي جي جاچ بابت پاڻ جائزو وٺي رهيو آهي جڏهن ته پاڪستان چيني سفارتخاني سان رابطي ۾ آهي، ٻئي ملڪ دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهن.

واضح رهي 15- جولاءِ تي ڪي پي ڪي جي اپر ڪوهستان جي علائقي داسو ويندڙ گاڏي ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايف سي اهلڪارن ۽ پرڏيهين سوڌو 10 ماڻهو مارجي ويا ويا، ڌماڪو برسين ليبر ڪيمپ کان داسو ويندڙ گاڏي ۾ ڪيمپ جي ويجهو ٿيو، ڌماڪي ۾ 39 ماڻهو زخمي به ٿي پيا، اهي به اطلاع هيا ته اهڙي ڌماڪي ۾ 9- چيني انجنيئر پڻ اجل جو شڪار ٿيا هيا. هاڻي داسو بم ڌماڪي جي شروعاتي رپورٽ پڻ اچي وئي آهي جنهن ۾ حڪومتي اهلڪارن جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي هر رخ کان جاچ ڪئي ويندي.

خيبرپختون خواهه جي ضلعي ڪوهستان جي علائقي داسو ۾ ٿيل ان ڌماڪي جي پس منظر ۾ بلوچستان پڻ وقت انتهائي حساس علائقو ٿي ويو آهي، جنهن جي حساسيت اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌي وئي آهي، جيئن جيئن بلوچستان ۾ چين جي سهڪار ۽ سيڙپ ڪاريءَ سان سي پيڪ جا منصوبا وڌندا پيا وڃن ۽ ترقي ڪندا ٿا وڃن تيئن تيئن بلوچستان ۾ صورتحال انتهائي حساس ٿيندي پئي وڃي، اهو ئي سبب آهي جو وزيراعظم عمران خان پنهنجي هاڻوڪي گوادر جي دوري دوران سي پيڪ جي هڪ منصوبي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي بلوچستان جي هٿياربند ويڙهاڪن ۽ مزاحمت ڪارن سان ڳالهين جو اعلان ڪيو هو ۽ ان سلسلي ۾ هُن جمهوري وطن پارٽيءَ جي اڳواڻ شاهه زين بگٽيءَ کي بلوچستان جي معاملن جي حوالي سان معاون خصوصي مقرر ڪيو هو.

ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال جي پسمنظر ۾ سي پيڪ جو منصوبو انتهائي اهم آهي ۽ وري مٿان افغانستان جي بگڙجندڙ صورتحال پڻ پاڪستان لاءِ ڪيترائي خطرا پيدا ڪري ڇڏيا آهن،اهڙي صورتحال ۾ وزيراعظم عمران خان بلوچ ويڙهاڪن سان جيڪو ڳالهين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي اهو پڻ انتهائي ضروري ۽ وقتي قدم آهي.

ملڪ اندر ۾ ماضيءَ ۾ به جيڪي ڌماڪا ٿيندا رهيا آهن، اهي ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان دهشتگرديءَ جي دائري ۾ ئي ايندا رهيا آهن، اسان اڳ به انهيءَ موقف جا رهيا آهيون ته رياست اندر اهڙن واقعن جو ٿيڻ ڪنهن به نموني رياست جي حق ۾ نه آهي ۽ نه ئي ملڪ جي عوام ۽ ان جي ترقيءَ جي لاءِ بهتر آهن، پر سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن اهڙا ڌماڪا دهشتگردي ليکيا وڃن ٿا ته انهن جو حل طاقت جي استعمال بجاءِ سياسي عمل ۽ ڳالهين ذريعي ئي ٿي سگهي ٿو، ڇو جو ڪنهن به مسئلي جو حل طاقت سان نڪري نه ٿو سگهي طاقت سان رڳو تباهي ئي آئي آهي ۽ وري مستقبل ۾ به ايندي، هن موقعي تي داسو ڌماڪو جنهن متعلق قوي امڪان اهو آهي ته اهو دهشت گرديءَ جي واردات ٿي سگهي ٿو.

هن وقت داسو ڌماڪي کي وزيراعظم عمران خان جي بلوچ مزاحمت ڪارن سان ڳالهين واري اعلان جي پسمنظر ۾پڻ ڏسڻ وارا ڏسي رهيا آهن، ڇو جو هڪ طرف سي پيڪ جي منصوبن جي ڪري چين جي پريشاني ۽ ٻئي طرف افغانستان جي بگڙجندڙ صورتحال ڪري ملڪ لاءِ امڪاني طور تي پيدا ٿيندڙ خطرا، اهي ٻئي اهڙا معروض آهن جيڪي ملڪ جي مختيارن ۽ وفاقي حڪومت کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪن ٿا ته موجوده صورتحال ۾ ملڪ جو مستقبل ڪهڙو هوندو.

داسو ڌماڪي جي پس منظر ۾ اسان رڳو ايترو ئي چونداسين ته ملڪ جي اندروني مسئلن کي بيروني معروضن جي پس منظر ۾ ڏسڻ بجاءِ اندروني پس منظر ۾ ڏسڻ گهرجي ۽ انهن کي ان ئي معروض جي حوالي سان حل ڪرڻ گهرجي، جو اهو اسان جي ملڪ جو مسئلو آهي.

هن موقعي تي اسان داسو ڌماڪي متعلق هر رخ کان جاچ ڪرڻ تي زور ڏينداسين ۽ اهو پڻ چوڻ  چاهينداسين ته بلوچستان ۾ سي پيڪ جي منصوبن تي ڪم ڪندڙ سمورن پورهيتن جن ۾ چيني پورهيت ۽ انجنيئر پڻ شامل آهن انهن جي حفاظت لاءِ جيڪي اپاءَ ورتا ويا آهن، انهن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته اهڙن حفاظتي اپائن کي وڌيڪ موثر ڪيو وڃي، سي پيڪ جو منصوبو بلاشبه هن وقت ملڪ جي ترقيءَ لاءِ اهم آهي جنهن کي هر صورت ۾ مڪمل ٿيڻ گهرجي. اسان وفاقي حڪومت کي رڳو اها ئي گذارش ڪري سگهنداسين ته داسو بم ڌماڪي جي گهڻ رخي جانچ ڪرائي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ دهشتگرديءَ واري پهلوءَ کي پڻ نظر ۾ رکيو وڃي ۽ مڪمل جاچ کانپوءِ ئي اهڙي ڪا حڪمت عملي جوڙي وڃي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.