بلاول ڀٽو جي سي وي!

تحرير: نذير سومرو

عمران خان جي وزارتي فوج جي هڪ وزير، بلاول ڀٽو صاحب جي آمريڪا ياترا تي تبصرو ڪندي فرمايو ته هو آمريڪا پنهنجي سي وي جمع ڪرائڻ پيو وڃي.وزير صاحب جي ان بيان تي وڏا بحث پيا هلن، جتي ڪٿي اهو سوال پيو پڇيو وڃي ته ان بيان جو ڇا مطلب آهي. جڏهن افغانستان جي صورتحال تي هزارين تبصرا پيا هلن ان جون ڪڙيون ملايون پيون وڃن ان وقت بلاول لاءِ  ڏنل بيان دلچسپيون پيو پيدا ڪري.

ڪجهه سوال هي به پيا ٿين ته وزيراعظم پاڪستان جو ٿيندو ته سي وي آمريڪا ۾ جمع ڇو ٿيندي. جنهن آفيس ۾ جايون خالي هونديون آهن اتي جي هيڊ ڪلارڪ/آفيس سپرينٽڊنٽ جي آفيس ۾ درخواستون (جنهن کي اڄ ڪلهه سي وي چيو وڃي ٿو) جمع ڪرائبيون آهن. مثال طور ايريگيشن ۾ جايون آهن ته اتي جي انجنيئر ان جي آفيس ۾ ئي سي وي جمع ٿيندي وغيره

ان بيان مان ظاهر آهي ته سي وي جيڪڏهن آمريڪا ۾ جمع ٿئي ٿي ته فيصلا به اتي ئي ٿيندڙ هوندا (اهي ملڪ دوستيءَ  تي ٻڌل هوندا يا آمريڪا دوستيءَ  تي، ڇو ته سي وي ڏسندڙ جي نظر ته ان کي پنهنجي مفاد واري نظر سان ڏسندي) ته ڇا موجوده وزيراعظم به پنهنجي سي وي آمريڪا ۾ جمع ڪرائي هئي. ان جي ”سليڪشن“ وارو فيصلو به اتي ئي ٿيو هو! ته پوءِ  هي چونڊون وغيره سڀ فراڊ آهن! هي ليڊرن جون اڀ ڏاريندڙ تقريرون، هي ڪارڪنن جا نعرا وغيره سڀ نظر جو دوکو آهن!

جيڪڏهن اهڙيون ئي ڳالهيون ساڃاهه وندن اڳ ۾ ڪندا رهيا آهن ته ڇا اهي سڀ صحيح هئا! ته ڇا هي ملڪ آزاد ڪونهي ٿيو، رڳو مالڪ بدليا آهن يعني اسان ڌاڙيلن جي هڪ ٽولي پاران ٻئي ڪنهن کي وڪيا ويا آهيون! جيڪي سوال مان سوال ڦٽي نڪرن ٿا ان مطابق ڇا هي ملڪ نه پر هڪ ڪالوني ثابت ٿئي ٿو؟

تبديلي جي نالي ۾ فراڊ ڪندڙ ٽولي جي اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ  سياست بداخلاقيءَ  جي ور چڙهيل آهي. وزيرڪي/وڏيرڪي ٽيم سمورو وقت چڙ ڏياريندڙ بيان پيئي ڏئي. جنهن جي جواب  ۾ ٻيون پارٽيون ٻه چار قدم اڳتي وڌي هڪ ٻئي مٿان حملا پيون ڪن جنهن جو آخري نتيجو اهو ٿو نڪري ته سياست جو اڇو پاڻي اهڙو ته لڙ ٿي چڪو آهي جنهن کي هاڻي پاڻي سڏي به نه ٿو سگهجي.

ڪشمير واري ٿيندڙ چونڊ مهم ۾ وزير، مشير صاحبان ۽ اڳوڻا وزير مشير صاحبان هڪ ٻئي تي اهڙن لفظن سان حملا پيا ڪن جو لکندي به لڄ پئي اچي. ”هن کي شرم اچڻ گهرجي، هن کي شرم ڪونهي“ جهڙا جملا هاڻي ننڍڙا خسيس لڳن ٿا جن جو ڳالهائڻ ڪو عيب ڪونهي. ائين پيو لڳي ڄڻ سڀ اخلاقيات جي خاني مان نڪرڻ واري گوءِ ۾ رڌل آهن. هتي سوال اهو به آهن ته ڇا ”سليڪٽيڊ“ ٿيڻ لاءِ  اخلاقيات جي خاني مان نڪرڻ لازمي آهي. ان سوال ۾ دم ان ڪري به آهي ته موجوده ٽيم جيڪا هن خاني مان نڪرڻ جا سڀ رڪارڊ پنهنجي نالي ڪرائي چڪي آهي ۽ پنهنجي خلاف اٿندڙ سڀ تحريڪون ناڪام ڪرائڻ ۾ ڀرپور طريقي سان ڪامياب ٿيل آهي ٻين لفظن ۾ مخالف بي آبرو هوڪر ڪوچي مان نڪرندڙ ثابت ٿيا آهن. اهو سڀ پاڻ پنهنجي ليکي ٿئي پيو ايئن به ڪونهي ان پويان ڪي لوها هٿ آهن جيڪي چپاٽون اولاري ماحول کي جيئن جو تيئن رکيو ويٺا آهن. جيئن چوڻي آهي ته ”چور کي چون ٿا اندر گهڙ، ساڌ کي چون ٿا گهر ۾ چور اٿئي“

هڪ ٻي اڳڀرائي ٿي آهي جو ذوالفقار علي ڀٽو به هاڻي غدارن جي لسٽ ۾ شامل ٿي چڪو آهي. هڪ صحتمند وزير صاحب جيڪو ملڪي وڏي ڪورٽ ۾ شراب کي ماکي ثابت ڪرڻ جيتري اهليت رکندڙ آهي ان فرمايو آهي ته ڀٽو به غدار هو. سندس هن بيان تي پيپلز پارٽي ڪيئن ٿي رد عمل ڏيکاري اهو ته وقت ٻڌائيندو باقي پيپلز پارٽيءَ  جي موجوده شڪل ڏسي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ”نه خنجر اٺي گا نه تلوار ان سي، يه بازو ميري آزمائي هوئي هين“ هي ڪري ته ڪجهه ڪونه سگهندا ائين ئي هي زهر پي ويندا پر ان لقب پويان به افعال پيپلز پارٽيءَ  جا ئي آهن جنهن به پنهنجي ڪارڪنن، چاهيندڙن سان اها ڪئي آهي جهڙي ٻُرڙي ڪئي ٻارن سان. اها حالت رهي ته مخالف هڪ قدم اڳتي وڌي ٻئي ڪنهن لاءِ  به غدار جو لقب استعمال ڪري سگهن ٿا جنهن جي لاءِ  ڪجهه به ڳالهائڻ اڃا تائين ڏکيو آهي ڇو ته اهو نسل اڃان جيئرو آهي. ايندڙ نسل پوئين تاريخ ۽ ان وقت پارٽيءَ  جي شڪل ڏسي بحث ڇيڙي سگهي ٿو. تاريخ بي رحم سان گڏ وڏو انصاف ڪندڙ پڻ هوندي آهي. هزارين سالن کان پوءِ  به ڪو فيصلو ڏيئي سگهي ٿي. تاريخ پراڻي مشرقي پاڪستان موجوده بنگلاديش جي پراڻن محب وطنن کي ڦاسيون ڏيئي مارڻ جا فرمان پيئي جاري ڪري جن اسٽيج تان حب الوطنيءَ  جا سرٽيفڪيٽ وصول ڪيا هئا. جن جي هڪ مخبريءَ  سان رت جا درياهه وهندا هئا، اهي اڄ بي ڪفن پيا دفن ٿين ۽ ٿيندا رهندا.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.