بلوچن سان ڳالهين جون دعوائون ۽ زميني حقيقتون

تحرير: عزيز سنگهور

هٿيار بند جدوجهد جي حامي بلوچ بزرگ اڳواڻ بابو نوروز خان ۽ آمر حڪومت جي وچ ۾  پهريون ۽ آخري ڳالهيون ٿيون هيون، مان انهن ڳالهين کي پهريون ۽ آخري ڳالهيون ان ڪري ٿو چوان ته ان وقت جي آمر حڪومت ۽ بابو نوروز خان جي وچ ۾  جيڪو معاهدو ٿيو هو ان تي ڪو به عمل ٿي نه سگهيو هو، انهيءَ معاهدي جي انحرافي ڪرڻ ڪري بلوچن ۽ رياست جي وچ ۾ بداعتماديءَ جي هڪ وسيع وٿي قائم ٿي وئي هُئي جيڪا اڄ تائين ختم ٿي نه سگهي آهي، هاڻي بلوچن کي رسي به نانگ ٿي نظر اچي.

بابو نوروز خان آمريت جي خلاف بعاوت ۽ هٿيار بند جدوجهد جو اعلان ڪيو هو، حڪومت جي وفد بابو نوروز خان جا مطالبا مڃڻ لاءِ قرآن پاڪ جو سهارو ورتو جنهن تي بابو نوروز خان قرآن پاڪ جي عزت ڪندي هٿيار ڦٽا ڪيا. هٿيار ڦٽا ڪرڻ کانپوءِ حڪومت فوري طور تي کيس گرفتار ڪري ورتو، رياست قرآن پاڪ جو سهارو وٺي بلوچ مزاحمت ڪارن سان ڌوکو ڪيو ۽ اهو دوکو بلوچ قومي تحريڪ ۽ مزاحمت ڪارن لاءِ هڪ سبق بڻجي ويو، کين حيدرآباد ۽ سکر جي جيلن ۾ ڦاهين تي ٽنگيو ويو، جن بلوچ مزاحمت ڪارن کي ڦاهيون ڏنيون ويون انهن ۾ بٽي خان زرڪزئي، سبزل خان زرڪزئي سبزل خان زرڪزئي، غلام رسول نيچاري، جمال خان زهري، مستي خان موسياني، ولي محمد زرڪزئي ۽ باول خان موسياني شامل آهن جڏهن ته بابو نوروز خان پيرسنيءَ ڪري جيل ۾ وفات ڪري ويو، ان واقعي کانپوءِ بلوچن جو رياست تان اعتماد ئي کڄي ويو هو.

هاڻي هڪ دفعو وري عمران خان جي حڪومت مزاحمت پسند بلوچ اڳواڻن سان ڳالهين جي شروعات ڪئي آهي ۽ ان لاءِ جمهوري وطن پارٽيءَ جي اڳواڻ شاهه زين بگٽيءَ کي ناراض بلوچن سان ڳالهيون ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. ماضيءَ جي معاهدن جي ڀڃڪڙي جي پيش نظر لنڊن ۾ مقيم خان آف قلات ميرسليمان دائود احمد زئي چيو آهي ته هو جڏهن به پاڪستان سان ڳالهيون ڪندا تڏهن بلوچ عوام کي اعتماد ۾ وٺي يورپ يا اوڀر جي ڪنهن ملڪ جي ضمانت ۾ ڳالهيون ڪندا، پر ڳالهين شروع ڪرڻ کان اڳ به پاڪستان حڪومت کي اسان جي انهن مطالبن کي پورو ڪرڻو پوندو جيڪي اسان پاڪستان جي گذريل حڪومتن وٽ پيش ڪندا رهيا آهيون، جيڪڏهن اسان جا اهڙا مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته اسان نه هاڻي ۽ نه ئي وري ايندڙ وقت ۾ ڪن به ڳالهين لاءِ راضي ٿينداسين.

چيو ٿو وڃي ته شاهه زين بگٽيءَ جي ايتري سياسي اهليت نه آهي جو ويڙهاڪن سان ڳالهيون ڪري سگهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته شاهه زين بگٽيءَ کي بلوچ ريپبلڪن پارٽيءَ جي اڳواڻ برهمداغ بگٽيءَ جي اشاري تي مقرر ڪيو ويو آهي جنهن جو فيصلو گذريل مهيني سوئٽرزلينڊ ۾ برهمداغ بگٽيءَ سان هڪ ڳجهي ملاقات ۾ ڪيو ويو هو. برهمداغ بگٽيءَ سان اهڙي ملاقات پاڪستان جي ٻن اهم شخصيتن ڪئي هُئي ۽ اهڙي ملاقات ۾ شاهه زين بگٽيءَ کي وزيراعظم جو معاون خاص مقرر ڪيو ويو هو. اهڙي ملاقات ۾ شامل هڪ ڄڻي جو تعلق فوجي اداري سان آهي جڏهن ته ٻئي ڄڻي جو تعلق بلوچستان جي بيوروڪريسيءَ سان آهي، ٻنهي ڄڻن اهڙي ڪنهن به ملاقات جي تصديق نه ڪئي آهي. برهمداغ بگٽيءَ سان ملاقات بعد انهن ٻنهي شخصيتن لنڊن ۾ مقيم خان آف قلات مير سليمان دائود سان ملاقات ڪرڻ لاءِ پيغام موڪليو پر ان ساڻن ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

بلوچستان جو مسئلو رڳو برهمداغ بگٽيءَ جي رضا منديءَ سان حل نه ٿيندو ڇو جو بلوچستان جا اسٽيڪ هولڊرز ٻيا به آهن، جيستائين انهن سڀني کي آن بورڊ وٺي فيصلو نه ڪيو ويندو تيستائين بلوچستان جي مسئلي جو حل نه نڪرندو.، جن جا تفصيل هن ريت آهن. بلوچ لبريشن آرمي ( بي ايل اي ) جنهن جو اڳواڻ بشير زيب بلوچ آهي، جيڪو بي ايس او جو اڳوڻو چيئرمين هو. بلوچستان لبريشن فرنٽ ( بي ايل ايف ) جو اڳواڻ ڊاڪٽر نذر الله بلوچ آهي جيڪو پڻ بي ايس او جو اڳوڻو چيئرمين آهي،  بلوچ ريپبلڪن آرمي (گلزار امام گروپ) ان جو سربراهه گلزار امام بلوچ آهي،  اها تنظيم پنجگور، مند، تمپ، زامران، تربت ۽ خاران ۾ سرگرم آهي. بلوچ ريپبلڪن پارٽي ( برهمداغ بگٽي گروپ) ان جو سربراهه برهمداغ بگٽي آهي، يونائٽيڊ بلوچ آرمي ( يو پي اي ) ان جو سربراهه مهراڻ مري آهي، لشڪر بلوچستان، ان جو سرابراهه جاويد مينگل آهي، بلوچ ريپبلڪن گارڊز ( بي آر جي ) ان جو سربراهه بختيار ڊومڪي آهي، بلوچ لبريشن آرمي ( آزاد گروپ) ان جو سربراهه حربيار مري آهي جيڪو هن وقت لنڊن ۾ آهي.

ڏٺو وڃي ته برهمداغ بگٽي هڪ ڪمزور پوزيشن ۾ آهي، ان کان وڌيڪ ويڙهاڪ گروپ ميدان عمل ۾ آهن، ماضيءَ ۾ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي حڪومت پڻ برهمداغ بگٽيءَ سان ڳالهيون ڪيون هيون، ڊاڪٽر عبدالماڪ ڪجهه ٻين اڳواڻن سان گڏ جنيوا ۾ ساڻس ملاقات ڪئي هُئي جيڪي ڪامياب ٿي نه سگهيون هيون. ڳالهين جي نتيجي ۾ برهمداغ بگٽيءَ جي سياسي جدوجهد ۽ مزاحمتي تحريڪ کي سخت نقصان پهتو، ان جي هٿيار بند ڪمانڊرن ۽ ويڙهاڪن ساڻس بغاوت ڪئي ۽ سندس تنظيم ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي ۽ سندس ڪيترن ئي ڪمانڊرن ٻين ويڙهاڪ تنظيمن ۾ شرڪت ڪئي، ڪجهه ذريعن جو چوڻ آهي ته برهمداغ بگٽي سياسي طور تي نابالغ آهي جنهن ڪري سندس ڪيل اڪثر فيصلن ڪري سندس جي سياسي ساک ۽ تنظيم کي نقصان پهچي رهيو آهي.

ڪجهه حلقن جو چوڻ آهي ته پاڪستان حڪومت ويڙهاڪن سان ڳالهييون چين جي چوڻ تي شروع ڪيو آهي، ڇو جو سي پيڪ جي منصوبي ۾ چين جي 9- ارب ڊالرز جي سيڙپڪاري آهي، ۽ چين بلوچستان اندر انسرجنسيءَ کان تمام گهڻو پريشان آهي. چين حڪومت پهريون دفعو آهي جو بلوچستان جو مسئلو پرامن طور تي حل ڪرڻ تي زور ڀريو آهي نه ته ان کان اڳ چين بلوچستان جو مسئلو هٿيارن جي زور تي حل ڪرڻ جو حامي رهيو آهي. چين جي ئي اسرار تي وزيراعظم عمران خان گوادر ۾ سي پيڪ جي منصوبي جي افتتاحي تقريب سان خطاب ڪندي بلوچ مزاحمت ڪارن سان ڳالهين جو اعلان ڪيو هو، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته بلوچستان جون هٿيار بند ڌريون ڪيتري حد تائين ڳالهين لاءِ اڳتي وڃي سگهن ٿيون.

ڇا، ان لاءِ حڪومت وٽ ڪو آئيني ۽ قانوني پيڪيج آهي، ڇا، اهڙين ڳالهين جي سلسلي ۾ حڪومت ۽ سگهارا ادارا هڪ پيج تي آهن؟، ٻئي پاسي بلوچستان ۾ پارليامينٽ جي سياست ڪندڙ ڌرين جو چوڻ آهي ته سڀ کان پهريان وفاقي حڪومت کي بلوچستان ۽ وفاق جي وچ ۾ جيڪا بداعتمادي آهي ان کي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ بلوچستان ۽ وفاق جي وچ ۾ اعتماد جي فضا کي بحال ڪرڻ گهرجي، ۽ ان سلسلي ۾ 1948ع ۾ پاڪستان جي باني ۽ محمد علي جناح ۽ خان آف قلات جي وچ ۾ ٿيل معاهدي تي عمل ڪيو وڃي، کنڀي گم ڪيل ماڻهن کي ظاهر ڪري انهن تي عدالتن ۾ ڪيس هلايا وڃن، گوادر پورٽ سميت ٻيا ادارا وفاقي حڪومت کان بلوچستان جي حوالي ڪيا وڃن. 2001ع کان وٺي هن وقت تائين بلوچستان جي سامونڊي علائقن جا جاري ڪيل ليز رد ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾  بلوچ عوام اهو سمجهڻ ۾ حق بجانب هوندو ته حڪومت ڳالهين جي عمل ۾ سنجيده ناهي.

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.