افغان گهوٽالو، هڪ عالمي ناسور!

تحرير: علي محمد ميمڻ

پاڪستان پاران افغانستان واري نئين گهوٽالي ۽ هلندڙ گهرو ويڙهه جي نقصانن ۽ اثرن کان پاڻ کي بچائڻ ۽ افغانستان ۾ امن جي بحالي لاءِ   افغان امن ڪانفرنس 18، 19 جولاءِ  2021ع تي اسلام آباد ۾ ڪوٺائي وئي آهي. ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ  حڪومت طرفان ڪيترن ئي افغان اڳواڻن کي دعوت ناما موڪليا ويا آهن،  افغانستان جي حوالي سان حڪومت جي ڳڻتي ۽ قدمن بابت حڪومتي ترجمان جي پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، اسان افغان مسئلي جي سياسي حل تي زور ڏيون ٿا، افغان عوام کي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻو آهي، مسئلي جي حل سان افغان پناهگيرن جي واپسي جا رستا کلڻ گهرجن، اسان افغان پناهگيرن جو بار وڌيڪ برداشت نٿا ڪري سگهون. يقينن، ملڪ اڄ تائين جنهن به قسم جي هاڃيڪارين جو شڪار آهي .ان سموري بحران جو ذميوار جنرل ضياءُ وارو آمراڻو دور چيو وڃي ٿو، جنهن دور ۾ افغانستان واري جنگ کي پنهنجي حڪمراني مضبوط ڪرڻ،  ڊالر ڪمائڻ واري صنعت ، ڪاروبار ۽اڳوڻي سوويت يونين، روس خلاف آمريڪا جي جهاد طور مچايو ويو جنهن جي باهه ۾ اڄ تائين سمورو خطو ٻري  ۽ خاڪ ٿي رهيو آهي.

افغانستان وارو مسئلو يقينن  گذريل 50 سالن هڪ  ملڪ ۾ ٿيندڙ گهرو ويڙهه جو شڪار آهي ۽ دنيا جي عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ  پڻ  مستقل خطرو ۽ پاڪستان ، ايران ، چين روس ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن لاءِ  خطرناڪ ۽ تمام وڏي مٿي جو سور بڻيل آهي. هي ملڪ دنيا جي دهشت گردن جي محفوظ پناهه گاهه طور استعمال ٿيندو رهيو آهي. اسامه بن لادن جي دهشت گرد ۽ هٿياربند تنظيم القاعده، جيش، افغان طالبان ۽ مختلف قبائلي هٿياربند گروهن جو محفوظ مرڪز هئڻ ڪري هن ملڪ جو دهشت گردي جي  وڏن عالمي مسئلن ۾مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ ملڪ طور شمار ڪيو وڃي ٿو.افغانستان کي اسامه بن لادن پڻ پنهنجي هٿياربند گروهن جي پناهه گاهه ۽ مرڪز ٺاهيو. جتان پاڪستان سميت سموري دنيا لاءِ   امن وامان جا مسئلا پيدا ٿيا. آمريڪا جي مشهور واقعي نيويارڪ جي ورلڊ ٽريڊ ٽاورز جي جهاز ٽڪرائڻ واري دهشت گردي جي واقعن سان پڻ افغانستان جو لاڳاپو ظاهر ٿيو ۽ ان بعد هن خطي ۾ عالمي طاقت جون ڪهري ڪارروائيون وڌي ويون. تباهه ڪارين وارو اهو سلسلو هن وقت به وقفي وقفي سان جنگ ۽ ويڙهه جي ميدان ۾ تبديل ٿيندو رهي ٿو.  افغانستان جي ان اندروني ۽ ٻاهرين دنيا جي پيدا ڪيل هنگامي حالتن ۽ هاڃيڪارين  سبب افغانستان جي آبادي جو وڏو حصو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سندن پاڙيسري ملڪن ۾ هجرت ڪري ويو آهي يا اتي مهاجر ڪئمپن ۾ پناهه گير واري حيثيت ۾ رهي رهيو آهي.

پاڪستان جي افغانستان سان اولهه واري سرحد هزارين ميلن تائين پکڙيل هئڻ ڪري افغان مهاجرن جو هڪ وڏو حصو لڏپلاڻ ڪري اسان جي ملڪ ۾ پکڙجي چڪو آهي. هڪ اندازي موجب گهٽ ۾ گهٽ 40 لک افغاني پاڪستان جي مختلف صوبن ۽ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ موجود آهن..  سنڌ صوبو، جنهن جون چئني پاسن کان سرحدون کليل آهن، اهو اڪثر ٻاهرين آبادڪارين ۽ انهن جي هاڃيڪارين جو شڪار ٿيندو رهي ٿو. تمام گهڻي ڳڻتي وارو معاملو آهي ته، ملڪ ۾ موجود  افغانين ۽ ٻين پرڏيهين جي سنڌ صوبي ۾ لڳاتار والار ۽ مهاجر ڪئمپن ۾ رهڻ بجاءِ سنڌ صوبي جي اڪثر شهرن ۽ ڳوٺن ۾ افغاني پناهه گير کلئي نموني گهمي ڦري ۽ ڪاروبار ۽ واپار ڪري رهيا آهن. جنهن تي وفاقي سرڪار ۽ حڪومت جي ادارن جي عملداري نه هئڻ جي برابر آهي. اهڙي ريت، سنڌ صوبي ۾ افغان پناهه گيرن جي وڏي تعداد آباد ٿي چڪي آهي. سنڌ صوبي جي وسيلن جو عام جام استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ سنڌ جي مختلف شهرن مان قومي شناختي ڪارڊ ٺهرائي هن صوبي جا مستقل رهائشي هئڻ وارو درجو حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ملڪ جا پڻ شهري بنجي رهيا آهن. اهڙي قسم جون خبرون ميڊيا جي ادارن ۾ پڻ اڪثر ريڪارڊ تي اينديون رهيون آهن. جنهن سان ڪراچي، حيدرآباد ۽ ان جي چوڌاري ڪيتريون ئي افغان بستون ۽ آباديون قائم آهن ۽ انهن ۾ تيزي سان اضافو پڻ ٿيندو رهي ٿو، جنهن تي  سنڌ صوبي ۾ لڳاتار ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويندو رهيو آهي.

وفاقي حڪومت طرفان ٿيل پڌراين موجب، پاڪستان ۽ افغانستان حڪومت وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ ملڪ ۾ موجود افغان پناهه گيرن بابت پڻ ٻنهي ڌرين ۾ مٿاڇريون ڳالهيون ٿيون آهن.  وزير اعظم عمران خان جي تازي افغانستان جي دوري ۾صدر اشرف غني سان امن ۽ هڪ ٻئي سان وڌ ۾ وڌ سهڪار ڪرڻ سميت مختلف سفارتي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون آهن.ٻنهي پاڙيسري ملڪن ۾ امن قائم ڪرڻ  ۽ هر قسم جي دهشت گردي جي ڪارروائين جي روڪ ٿام ۾ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي. ٻنهي ملڪن جي حڪومتن طرفان پنهنجن ملڪ جي مسئلن تي ڳالهيون ، اتفاق ناما ٺاهڻ ۽ معاهدا ڪرڻ جي باوجود اهي فيصلا ڪنهن بهتر حل طرف ويندا نظر نه ٿا اچن. ڇاڪاڻ جو ٻنهي ملڪن جون حڪومتون پنهنجي ملڪ ۽ عالمي طور تي پنهنجي غير مقبوليت جي بلندين تي پهتل آهن. جڏهن ٻئي پاسي آمريڪا ۽ نيٽو فوجن جو هڪدم افغانستان خالي ڪري روانو ٿي وڃڻ سان هاڻي افغانستان جي مختلف علائقن تان حڪومت جي اختيارن جو تيزي سان خاتمو ٿي رهيو آهي ۽  طالبان سميت مختلف ويڙهاڪ مسلح گروهه علائقن ۽ اثاثن تي قبضا ڪرڻ ۾ مصروف آهن. جنهن سان سموري افغانستان هڪ نئين قسم جي خونريزي ۽ گهرو ويڙهه شروع ٿي وئي آهي.  يقينن،  افغانستان جا ماڻهو 4 ڏهاڪن کان دهشت گردي ۽ بدامني واري حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن اهڙي صورتحال ۾ هن وقت جيڪڏهن ڪنهن انساني برادري کي امن جي سخت ضرورت آهي ته اُهو افغانستان آهي.

ملڪ ۾ ٻاهرين ملڪن جي پناهه گيرين ۽ مهاجرن جي لڳاتار ٿيندڙ واڌ جي حوالي سان تمام گهڻيون اڻوڻندڙ خبرون منظر عام تي اچي رهيون آهن. خاص طور تي سنڌ صوبي ۾ ڌارين ۽ ٻاهرين جي لڳاتار وڌندڙ تعداد جي حوالي سان سنڌ صوبي ۾ تمام گهڻي ڳڻتي ۽ پريشاني محسوس ڪئي پئي وڃي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جو ان ڏس ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس ۾ چوڻ هو ته، پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ وڌندڙ گهرو ڇڪتاڻ ۽ گهرو ويڙهه ڪري اتان جي افغان مهاجرن جو وڏي تعداد ۾ پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جو انديشو وڌي ويو آهي. وفاق ۽ انٽيليجنس ايجنسين سان گڏجي يقيني بڻائينداسين ته افغانستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو، اُن جي لڏپلاڻ جا اثر سنڌ صوبي ۽ صوبائي گادي واري شهر ڪراچي تي گهٽ کان گهٽ ٿين. وڏي وزير جو چوڻ هو ته، ڪراچي ۾ اڄڪلهه جيڪا چُرپر ٿي رهي آهي، اُن کي به ڏسون ٿا، اُن حوالي سان ڪجهه مشڪوڪ لاڳاپا نظر اچي رهيا آهن ۽ افغان صورتحال سبب خطي ۾ ايندڙ تبديلين کي ڪراچي جي رُخ ۾ گهرائي سان ڏسي رهيا آهيون.

بيشڪ ! ملڪ تي پرڏيهي ماڻهن جي غيرقانوني ۽ وقتي داخلا ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيڻ واريون خبرون منظر عام تي اچي رهيون آهن. ملڪ ۾ اڳ ئي 40 لکن کان وڌيڪ افغان مهاجر گذريل 30 سالن کان آباد آهن ۽ انهن جي واپس وڃڻ بجاءِ وڌيڪ مهاجرن جي آمد جا انديشا آهن. سنڌ جيڪو پرڏيهي آبادڪاري سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر صوبو آهي ان جي ڏکيائن ۽ وڌندڙ بار ۾ اڃا واڌ ٿيڻ جو انديشو آهي. وفاقي حڪومت کي گهرجي ته هو پرڏيهين جي ملڪ ۾ داخلا کي هر قيمت تي روڪي ۽ ملڪ ۾ موجود پرڏيهن ۽ افغانين کي جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي پنهنجن ملڪن ڏانهن روانو ڪري ته جيئن ملڪ جي  ڪنڌ تي موجود اجايو بار هلڪو ٿئي ۽ افغان مهاجرن جي والار سان سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب ۾ وڌندڙ سماجي بحرانن ۾ گهٽتائي ٿي سگهي ۽ افغانستان واري عالمي ناسور جو پڻ خاتمو ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.