آزاد ڪشمير ۾ چونڊن جون تياريون ۽ نتيجن جي تاريخ

تحرير: برڪت شيخ

آزاد ڪشمير جون چونڊون 25 جولاءِ 2021ع تي ٿي رهيون آهن. هن وقت آزاد ڪشمير جو صدر سردار مسعود خان ۽ وزيراعظم راجا محمد فاروق آهن جن جو تعلق پاڪستان مسلم ليگ(نواز) سان آهي. مسلم ليگ 2016ع ۾ واضح اڪثريت سان چونڊ کٽي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي.

2016ع جي چونڊ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) 31، پاڪستان پيپلز پارٽي 03، تحريڪ انصاف 02، ايم سي 03 سيٽون ماڻيون هيون. آزاد ڪشمير اندر 33 تڪن لاءِ، 597، اميدوارن مقابلو ڪري رهيا آهن باقي 145 اميدوار پاڪستان جي چئني صوبن تي ٻڌل 12 پناهه گير تڪن لاءِ مقابلو ڪري رهيا آهن. آزاد ڪشمير ۾ چار وڌيڪ سيٽون شامل ڪيون ويون آهن. مظفر آباد، نيلم پونچ ۽ ڪوٽلي لاءِ اضافي سيٽون مليون، آزاد ڪشمير اسيمبلي 49، کان 54 تائين وڌي وڃي ٿي. حڪومت ٺاهڻ لاءِ کٽندڙ جماعت کي، 27 سيٽون گهربل آهن.

هن وقت آزاد ڪشمير جو صدر سردار مسعود خان هڪ بهترين تجربو رکندڙ سفارتڪار آهي. جيڪو آزاد ڪشمير جي معاملن ۽ مسئلن کي سمجهي پيو. مسعود خان گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مستقبل نمائندو به رهيو آهي.  والاريل ڪشمير جي اشو تي سندس ادا ڪيل ڪردار کي ساراهيو ويندو آهي.

عام طور تي جيڪا پاڪستان ۾ حڪومت هوندي آهي آزاد ڪشمير ۾ ان جي ئي حڪومت ٺهندي آهي. اها ساڳي صورتحال گلگت بلتستان جي به آهي ڇاڪاڻ ته اتان جو عوام اقتداري ڌر کي ئي ووٽ ڏيندو آهي.

ڏٺو وڃي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اتي سٺي محنت ٿيل آهي. بظاهر ان کي واضح سرسي حاصل آهي. پنجاب ۾ ترقياتي ڪم ٿيا آهن ۽ آزاد ڪشمير ۾ ترقي جوراز (ن) ليگ آهي.

باقي پاڪستان پيپلز پارٽي جي اتي ڪمزور پوزيشن آهي. جڏهن ته ماضيءَ ۾ ان جو ڪشمير تي راڄ رهيو آهي. پ پ کي ووٽ ته وٺڻ ايندو آهي پر نڀائڻ نه ايندو اٿس ان بابت سنڌ ۾ به ساڳيو تاثر آهي.

لاڙڪاڻي جي عوام جو بلاول ڀٽي تي احسان آهي جنهن ان کي ايوان ۾ پهچايو آهي باقي پ پ حڪومت جي ڪابه ڪارڪردگي بهتر ڪو نه آهي. پ پ اڃا به ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي ڪاوشن جو ثمر کائي رهي آهي. پارٽي مضبوط ٿيڻ بجاءِ تباهي ڏانهن وڃي رهي آهي.

آزاد ڪشمير ۾ پ پ سوچي به نه ته اسان حڪومت ٺاهينداسين. جيڪڏهن حڪومت هوندي ته پهرين تحريڪ انصاف، ٻيو مسلم ليگ (ن) جي هوندي. تحريڪ انصاف وٽ  سرڪاري مشينري آهي. اها پنهنجو مڪمل زور آزمائيندي ۽ واضح لڳي ٿو ته ڪامياب به ٿئي. ڇو ته ان وٽ نوجوان قيادت موجود آهي. تحريڪ انصاف ۾ پ پ ۽ ن ليگ جا ليڊر موجود آهن. جيڪي پهنجي ليڊرن کان ناراض ٿي عمران خان سان مليا.

آزاد ڪشمير پاڪستان جي رياست ۾ شامل آهي. پر انتظامي مامرا پاڪستان کان ڌار اٿس. پر جڙيل پاڪستان سان آهي.اتان جي  سياست ۽ اڳواڻ ساڳيا آهن.

24 آڪٽوبر 1947ع ۾ پاڪستان اندر آزاد ڪشمير جي رياست قائم ٿي. ملڪ جو صدر آئيني سربراهه آهي. وزيراعظم رياست جو چيف ايگزيڪيوٽو آهي. صدر ۽ وزيراعظم قانون ساز اسيمبلي طرفان 5 سالن جي مدي لاءِ  آزاد ڪشمير عبوري آئين ايڪٽ 1974 جي شق تحت چونڊيو ويندو آهي. رياست آزاد ڪشمير 84،471 چورس ميل جي ايراضي ۽ پاڪستان جي اتراولهه ۾ آهي. روس، چين ۽ افغانستان اتر جي پاسي سرحد حصيداري ڪن ٿا. ڪشمير رياست ننڍي کنڊ  جي وڏي رياست هئي. عدالتي نظام هلائڻ لاءِ عدالتن ۽ قانون جو ضابط 1948 ۾ ڪيو ويو.

هن وقت پاڪستان جون ٽئي سياسي جماعتون ڪوشش ۾ آهن ته حڪومت اسان جي ٿيندي. فيصلو ڪشمير جي عوام کي ڪرڻو آهي. ڪهڙي پارٽي کي عزت مان ۽ مرتبو ڏيڻو آهي ۽ ڪهڙي پارٽي کي ملڪ سنڀالڻو آهي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ مقابلو آهي.ڪن  ماهرن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف ميدان ماري ويندي ۽ ان جي واضح سرسي ٿيندي. عمران خان کي به مڪمل اعتماد آهي ان جو سبب ن ليگ ۽ پ پ تي ڪرپشن جا هلندڙ ڪيس آهن ۽ اهي هن وقت ملڪ جا ڏوهاري آهن. ڪرپشن ملڪ کي تباهه ڪيوآهي.عمران خان جي  اچڻ کانپوءِ معيشت بهتر ٿي آهي. ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۽ جي ڊي پي بهتر ٿي وئي آهي. بهرحال 25 جولاءِ تي واضح ٿي ويندو ته ڪنهن جو موقف مضبوط آهي ڪير حڪومت هلائڻ ۾ ڪامياب ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.