ڪورونا وائرس، اڪيلائپ۽ نفسياتي دٻاءُ

تحرير:اسحاق سومرو

ڪورونا  وائرس ۾پيدا ٿيل حالتن جي ڪري سڄي دنيا جي ماڻهن کي گھرن تائين محدود رهڻو پيو آهي. جڏهن گھرن کان ٻاهر رهڻ مشڪل هجي ته پوءِ ماڻهون ِ ڊاڪٽرن وٽ علاج لاءِ ڪيئن ٿا وڃي سگھن.ان صورتحال ۾ ٽيليفون۽ وڊيو ڪالز جي ذريعي علاج ڪرائڻ لاءِ اهڙن ماڻهن کي رابطي ڪرڻ جون سهولتون مهيا ڪيون ويون آهن. جنهن کي ”ٽيلي ڪلينڪ“ چيو وڃي ٿو، جتي ڪورونا وبا ۾مختلف مسئلن ۾ گھيريل متاثرماڻهن کانسواءِبيمارمريض پڻ ڊاڪٽرن سان رابطو ۽ مشاورت ڪري پنهنجي علاج  کي جاري رکي سگھن ٿا.

جيڪڏهن توهان گھر تائين محدود آهيو، محسوس ڪيو ٿا ته توهان نفسياتي مونجهارن جو شڪار آهيويا توهان کي ڪودماغي مسئلو ٿي پيو آهي.گھرن ۾ ئي گذارڻو آهي ته پو۽ به ڊاڪٽر سان وڊيوز  يا موبائل فون ذريعي  رابطو ڪري سگهو ٿا، جنهن ذريعي ڊاڪٽر توهان کي ڏسي به سگھي ٿو،مفيد مشورا ۽ گھربل دوائون به تجويز ڪري سگهي ٿو.

ٽيلي ڪلينڪ هلندي اهو نوٽ ڪيو ويو آهي ته ڪورونا  وائرس جي ڪري ماڻهن ۾ وڌيڪ خوف واري ڪيفيت ڏٺي وئي آهي. جڏهن ته خوف ۾ مبتلا اهڙن ماڻهن کي ڪابه تڪليف نه هئي، پر انهن اهو سمجهيو پي ته کين اها ڪورونا  جي بيماري لاحق ٿي چڪي آهي. جنهن ڪري هو ڪنهن به وقت مري سگھن ٿا. اهڙن مريضن جو تعداد ڪافي هو جيڪي اصل ۾ ذهني دٻاءَ۽ نفسياتي مسئلن جو شڪار هئا. جن جوٽيلي ڪلينڪ جي ذريعي ڊاڪٽر ڪائونسلنگ ڪري کين ذهني سڪون پهچائيندا رهيا آهن.

ميڊيا جو ڪردار جتي مثبت آهي اتي ان جا ڪافي ناڪاري اثرات به پئجي رهيا آهن. خاص طور تي سوشل ميڊيا جتي ڪجهه درست ۽ ڪيتريون ئي غيرتصديق يا مفروضن واريون خبرون ۽ وڊيوز به ھلنديون رهن ٿيون جيڪي پڻ ڪورونا  وبا جي ڏينهن ۾ پريشاني ۽ نفسياتي مونجهارن جو سبب بڻجي رهيون آهن، جن ۾ لاشن کي دفنائڻ جا منظر يا مريضن جي اسپتالن ۾ ڏيکاريل حالت ماڻهن ۾ خوف ۽ مايوسي کي وڌايو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڊاڪٽرمريضن کي ٻڌائين ٿا ته هو سوشل ميڊيا کا پري رهن ۽ ڪنهن درست خبرون ڏيندڙ ميڊيا جي ذريعي کي ئي ڏسن يا ان تي ڀاڙين، منفي ۽ ڪوڙين خبرون ڏيندڙ ميڊيائي ذريعا خوف ۽ ننڍ ين ننڍين نفسياتي بيمارين کي وڌائي رهيا آهن.

نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته سائڪالاجي محض بيماري نه آهي، پر هڪ سماجي رويو آهي. جيئن ماڻهن سان ملڻ جلڻ وارو رويو يا طريقو به علاقائي روايتن۾ شمار ٿئي ٿو. جن کي وبائي صورتحال۾ بدلائڻو آهي. ان لاءِ ماڻهن کي گھربل آگاهي ۽ معلومات  پهچائڻ ضروري آهي.

موجوده حالتن ۾ ماڻهن کي ڇا ڪرڻ کپي؟

هونئن ته عام ڏينهن جي دوران ماڻهون جو ٽائيم طئه ٿيل هوندو آهي ته اهي صبح جو ننڊ مان اٿي ورزش ڪرڻ،آفيسن ۾وڃڻ،ماڻهن سان ملڻ پر ڪورونا  وبا ۾ حالتون بلڪل بدلجي ويون.ماڻهون ٻاهر نٿي وڃي سگھيا، آفيسن ۾به نه ٿي ويا، ماڻهن کي هڪٻئي سان ملڻ ۾ مفاصلو رکڻو پيو.ماڻهن سان گڏ ٻاهرنٿي وڃي سگھيا ته پوءِ اهڙي پيدا ٿيل روزاني واري معمول ۾ پنهنجو پاڻ کي محفوظ،پرسڪون، ساهه سولائي سان کڻڻ واري عمل کي برقرار رکڻ، هلڪي ڦلڪي ورزش، مثبت سوچ، پراميدرهڻ ۾ ئي ڀلائي آهي.

ڪورونا  وائرس ڪيستائين تائين رهندو،ان جو مڪمل خاتمو ڪڏهن ٿيندوان جي حتمي ڪابه معلومات ناهي.پر ان جا اثر ماڻهن جي ذهنن تي وڏي عرصي تائين رهڻا آهن. جيئن زلزلن يا ٻوڏن جا ڀوائتا اثر انهن علائقن ۽ اتهان جي ماڻهن تي وڏي عرصي تائين رهندا آهن.جڏهن ته ڪورونا  جي وبا ته سڄي دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي، جنهن امير ۽ غريب ملڪن جي ماڻهن کي بري طرح متاثر ڪيوآهي.ان جي اثرن جي ڪري کوڙ سارن ماڻهن جي روين،طبعيتن ۾ تبديليون اچي رهيون آهن.جيڪي ڪورونا  وبا جي اثرن جي نشاندهي ڪن ٿيون.

توهان هن بيماري جا شڪار ٿيا آهيو يا نه، ڪورونا  وائرس سان جڙيل هي جملو عام آهي ته هن جو ڪوبه علاج نه آهي.جيڪو سڀ کان وڌيڪ ڊپريشن ۽ مايوسي ڏيندڙجملوهو، جيڪو ڪورونا  جي ويڪسين ايجاد ۽ ان جي استعمال کان پهرين هو.جنهن پوري دنيا جي ماڻهن ۾ خوف ۽ غيريقيني واري صورتحال پيدا ڪئي.ان جو  علاج توڙي ويڪسين جي ايجاد ميڊيڪل سائنس لاءِ ڪنهن چيلينج کان گھٽ نه هئي. دنيا جي سائنسدانن ويڪسين جي ٿوري وقت ۾ ايجاد ڪري ڏيکارڻ،  ان جي وڏي پيماني تي تيزي سان ٿيندڙ استعمال کي يقيني بڻايو آهي اهو به ڪنهن معجزي کان گھٽ نه آهي.دنيا جي ساڍا ست ارب آبادي مان هن وقت تائين اڍائي ارب ماڻهن کان وڌيڪ کي ڪورونا  کان بچڻ جي ويڪسين لڳي چڪي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين ٻه ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين جا ڊوز لڳي چڪا آهن، هن سال جي آخر تائين ملڪ ۾ ست ڪروڙ ماڻهن کي لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويوآهي.

ڪورونا  ۾ ورتل ماڻهن، جي تصديق ٿي انهن سان سندن موبائل نمبرن تي مختلف اسپتالن مان، نفسياتي بيمارين جي ماهرڊاڪٽرن توڙي ٻي عملي پاران لاڳيتي رابطي ۽ کين همت افزا مشورا ڏيڻ واري مهم پڻ ڪافي مثبت اثرڇڏيا، ڪيترن وبا ۾ ورتل مريضن ٻڌايو ته گھٽ ۾ گھٽ ڏينهن ۾ هڪ دفعو موبائل تي ڪال ڪري سندن صحت جي متعلق  معلومات وٺڻ واري عمل کين قرنطينيه  ۾ وڌيڪ حوصلو ۽ همت ڏني. هونئن به ڪورونا  جي ڪري عام ماڻهون سان گڏ وڌ ۾ وڌ جيڪو جاني نقصان ٿيو آهي اهو ميڊيڪل جي شعبي سان لاڳاپيل ڊاڪٽرن،نرسن،توڙي اسپتالن جي ٻئي عملي جوٿيوآهي. جيڪي هن وبا واري جنگ جهڙي صورتحال ۾ اڳئين مورچي جي سپاهي واري حيثيت ۾ وڙهندا رهيا آهن.

هڪ اندازي مطابق ڪورونا  جي مثبت اچڻ وان ماڻهن سان گڏ، ان جي نفسياتي اثرن کان متاثر ٿيندڙن جو تعداد به تمام گھڻو رهيو آهي. ضرورت ان  ڳالهه جي آهي ته ناڪاري معلومات ۽ افواهن کان بچجي، ۽ هڪ دفعو وري دنيا کي ڪورونا  2019 کان پهرين واري دنيا ۾ اچڻ لاءِ جاکوڙيندو رهجي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.