داسو واقعو: عمران خان جو چيني وزيراعظم کي فون

ا سلام آباد  (م ڊ ) وزيراعظم عمران خان چيني هم منصب سان رابطو ڪري داسو واقعي ۾ چيني شهرين جي قيمتي جانين جي نقصان تي  ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ واقعي جي جامع جاچ جو يقين ڏياريو آهي.وزيراعظم آفيس اسلام آباد طرفان جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي چيني هم منصب لي ڪي ڪيانگ کي ٽيليفون ڪيو ۽ داسو ڊيم تي ڪم ڪندڙ عملي جي بس کي پيش ايندڙ حادثي ۾ چيني شهرين جي قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو. وزيراعظم پنهنجي چيني هم منصب کي يقين ڏياريو ته ان واقعي جي مڪمل ۽ جامع جاچ ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. واقعي جي جاچ لاءِ سموريون ڪوششون ڪتب آنديون وينديون ،هن چيو ته پاڪستان ۾ موجود چيني شهرين، ورڪرن، منصوبن ۽ ادارن جي سيڪيورٽي پاڪستان جي حڪومت جي ذميواري آهي.عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ چين جي مضبوط دوستي هر دور جي چيلينجن جو مقابلو ڪيو. هن ان ارادن جو به اظهار ڪيو ته آئنده به دشمن طاقتن کي پاڪ چين لاڳاپن کي نقصان پهچائڻ نه  نه ڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.