ڪڪڙ ۾ هوٽل تي ويٺل رٽائرڊ پوليس اهلڪار قتل

ڪڪڙ (ن ع آ) ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ۾ ڳو ٺ درمحمد ابڙو ۾ھوٽل تي ويٺل ڳوٺ جان  محمد باھوٽو واسي رٽائر پوليس اھلڪار عبدالحڪيم ولد محمد ابراھيم باھوٽو کي نامعلوم ھٿياربند گوليون ھڻي قتل ڪرڻ بعد  فرار ٿي ويا واقعي بعد ھوٽل تي ويٺل ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي اطلاع تي ڪڪڙ پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي مقتول جو لاش تحويل ۾ ورتو جتي پوليس  پوسٽ مارٽم لاءُ ڪي اين شاھ اسپتال کڻائي وئي  جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش مقتول جي ڀاءُ رجب علي  جي حوالي ڪيو ويو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، معصوم ٻارڙا پنھنجي بابا جي لاش کي چنبڙي زارو قطار روئيندا رھيا مقتول جي ڀاءُ رجب باھوٽو جو چوڻ آھي ته اسان جي ڪنھن سان دشمني نه آھي اسين غريب مسڪين آھيون ظالمن منھنجي ڀاءُ کي بي گناھه قتل ڪري وڏو ظلم ۽ ناحق ڪيو آھي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن پوليس جو چوڻ آھي ته مقتول جي قتل جي جاچ ڪري رھيا آھيون جوابدارن جي گرفتاري لاءِ  ناڪابندي ڪئي آھي جلد قاتلن کي گرفتار ڪنداسين ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين گرفتاري عمل ۾ نه  آئي آھي ۽ نه  ئي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.