عمران خان ڀارتي صحافي کي لاجواب ڪري ڇڏي

تاشقند ( م ڊ ) تاشقند ڪانفرنس جي موقعي تي وزير اعظم عمران خان پنهنجي وفد  سان ڪانفرنس هال مان نڪري رهيو هو ته ڀارتي صحافي سوال ڪيو ته ڇا دهستگردي ۽ ڳالهيون ٻئي گڏ هلي سگهن ٿيون ؟ ڀارتي صحافي جي طنزيا سوال تي وزير اعظم جواب ڏنو ته ڪيتري ئي وقت کان انتظار ڪري رهيا آهيون ته ڀارت مهذب پاڙيسري بڻجي رهي

اسلام آباد ۾ ٿيندڙ افغان امن ڪانفرنس ملتوي

اسلام آباد(م ڊ) افغانستان بابت اسلام آباد ۾ ٿيندڙ امن ڪانفرنس ملتوي ٿي وئي، ڪانفرنس  افغانستان جي درخواست تي ملتوي ڪئي وئي. افغانستان جي پرڏيهي وزارت  بابت ٽه ڏينهن واري ڪانفرنس ملتوي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي وزارت موجب اسلام آباد ۾ 17 جولاءِ کان ٿيندڙ ڪانفرنس عيدالاضحيٰ کان پوءِ تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، نين تاريخن جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو. ذريعن موجب ڪانفرنس افغانستان جي درخواست تي ملتوي ڪئي وئي، 3 ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ مختلف افغان اڳواڻن کي دعوت ڏني وئي هئي پر افغان طالبان کي دعوت نه ڏني وئي هئي.03

علي امين گنڊاپور کي آزاد ڪشمير مان نڪري وڃڻ جو حڪم

مظفر آباد(م ڊ)آزاد ڪشمير اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير علي امين گنڊاپور کي آزاد  ڪشمير جي حدن مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. آزاد ڪشمير اليڪشن ڪيمشن طرفان چيف سيڪريٽري کي خط لکيو ويو آهي جنهن موجب علي امين گنڊا پور جي جلسن جلوسن ۾ تقريرن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي وزير جي آزاد ڪشمير ۾ تقريرن سان امن جي صورتحال ۾ خلل پوي ٿو. آزاد ڪشمير اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ضابطا اخلاق جي خلاف ورزين تي پي ٽي آءِ جي اميدوارن خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي. اليڪشن ڪميشن چيف سيڪريٽري کي حڪم ڏنو آهي ته هدايتن تي فوري طور عمل ڪندي رپورٽ پيش ڪئي وڃي. واضح رهي ته گذريل ڏينهن علي امين گنڊاپور جي قافلي تي پٿراءُ ڪيو ويو هو ۽ انڊا به اڇلايا ويا هئا. واقعي کانپوءِ پوليس پاران چئن جوابدارن کي گرفتار ڪندي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته حملي ۾ ملوث وڌيڪ 10 ڄڻن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.