نئين گاج وري وهي آئي، ڪاڇو پاڻي هيٺ، بچاءُ بند تي دٻاءُ

جوهي/ واهي پانڌي/ڊرگھ بالا(نمائندا) کير ٿر جبلن تي تيز برساتن سبب نئيون وهي آيون. نئين گاج 25 فوٽ وھي اچڻ سبب ڪاڇي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي جي ھيٺ اچي ويا. سوين ڳوٺن جو جوھي دادو کان  زميني رابطو ڪٽجي ويو . وفاق ۽ سنڌ  جي حڪمرانن جي مسلسل هٺ ڌرمي گاج بند جي تعميراتي ڪم نه ٿيڻ سبب  نئين  گاج  وهي آئي. ڊرگھ بالا، واهي پانڌي،جعفرخان لنڊ شڪلاڻي ,سڄڻ جي پئي, مٺو لنڊ شڪلاڻي, محمد حسن گرماڻي,  ڪوڙو, پياڻي ڊرگه، گزياڻي لنڊ , راڄو ڳنڍو , ڪڪڙاڻي کوسا , مسو رستماڻي , الهورايو لغاري , حسن گرماڻي , الهداد ٻٻر , ننگر داررو کوسو , محمد حسن سوڀاڻي , سميت ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ  اچي ويا آهن. هزارين متاثر پاڻي ۾ گهر لڙھڻ مال متاع لڙھڻ فصل ويل پاڻي جي ور چڙھي ويا. گاج  بند جي پاڻي سبب راڄو ڳنڍو سلوب وارو ھڪ دفعو روڊ ٻيهر پاڻي جي ورچڙھي ٽٽي ويو جنهن سبب ڊرگھ بالا ۽آس پاس جي  ڳوٺن جو جوھي دادو سان رابطو ڪٽجي ويو سنڌ حڪومت توڙي دادو انتظاميه متاثرن کي پاڻي کان ٻاھر ڪڍڻ ڪي به انتظام نه ڪيا. جوهي برانچ تي امڪاني خطرناڪ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاء پڻ ايمر جنسي جهڙي صورتحال پئدا ٿي وئي ٻيڙيون گهرايون ويون. هزارين ماڻھو نئين گاج جي پاڻي پهتل پهرين وهڪري کي ڏسڻ لاء ھزارين ماڻھن جون جوهي برانچ تي  قطارون لڳي ويون ماڻھن ۾ خوف تاري ساھ مٺ ۾ اچي ويو آھي جڏهن ته ايري گيشن جي ڪجه عملدارن موجب ته بلوچستان مان برساتي پاڻي جو ٻيو ريلو رات ڪنهن به ڌماڪي سان نئن گاج بعد  ايف پي بند وٽ پهچندو. ٻئي طرف  سنڌ حڪومت طرفان نئن گاج جي پاڻي جي وهڪري جو دٻاء وڌي وڃڻ ڪري جوهي برانچ ڀرسان گورک  واهي وانڌي روڊ کي ايري گيشن عملي طرفان وڏي مشينري گهرائي کنڊ هنيو ويو.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.