حيدرآباد سول اسپتال جي جيل وارڊ مان3قيدي فرار، 2 ٻيهر گرفتار

حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ قائم جيل وارڊ مان ٽي قيدي فرار، پوليس شهر جي ناڪابندي ڪري ٻن قيدين کي ٻيهر  گرفتار ڪري ورتو،  سول اسپتال  جي جيل وارڊ مان ٽي قيدي عرفان علي پٽ شير محمد بليدي، بابر پٽ مقبول لاکو ۽ محسن پٽ عارف مسيح ڪالهه صبح جو دري جي لوھي شيخ ڪپي ان مان نڪري فرار ٿي ويا، وارڊ مان قيدين جي فرار ٿيڻ تي پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ شھر جي ناڪابندي ڪئي وئي، قيدين جي فرار ٿيڻ تي پوليس عملدارن پھچي وارڊ جو معائنو ڪيو ۽ اتي ڊيوٽي تي مقرر اي ايس آءِ  اسلام الدين پٺاڻ ۽ ٻن اھلڪارن کي بيان وٺڻ کانپوءِ غفلت ۽ لاپرواهي ڪرڻ جي الزام ھيٺ معطل ڪري کين ڪوارٽر گھاٽ ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي، معاملي جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي ھيڊ ڪوارٽر جي سربراهي ۾ ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي، ٻئي طرف فرار ٿيل قيدين جي ڳولا دوران نسيم نگر پوليس ٻن قيدين عرفان بليدي ۽ بابر لاکو کي شيدي ڳوٺ واري علائقي مان گرفتار ڪري ورتو ،جڏھن ته  ھڪ قيدي محسن مسيح جي ڳولا رات تائين ڪئي پئي وئي، ورتل ڄاڻ موجب قيدي عرفان بليدي تي نسيم نگر ٿاڻي تي جھيڙي جو ڪيس داخل آھي، بابر لاکو تي ھٽڙي ٿاڻي تي جھيڙي ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس داخل آھي،  جڏھن ته محسن مسيح تي ٽنڊوڄام ٿاڻي تي منشيات جو ڪيس داخل آھي، انھن جوابدارن کي عدالتن جيل موڪليو ھو پر سندس ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ تي انھن کي سول اسپتال جي جيل وارڊ ۾ آئيسوليشن ۾ رکيو ويو ھو جتان ھو فرار ٿيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.