صنعان، زين شاهه ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف مظاهرا ، ريليون

ڪنڌ ڪوٽ /گمبٽ/تنگواڻي  (نمائندن وٽان) گمبٽ ۾ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ،سيد زين شاه قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گرفتارين خلاف پريس ڪلب گمبٽ  اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري بحريا ٽائون تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ فريد خاصخيلي،سڪندر چانڊيو،خادم رتڙ،حيدر چانڊيو،زاهد شنڀاڻي ۽ ٻين چيو ته بحريا ٽائون سميت ڪو به سنڌ دشمن منصوبو قبول ناهي، هن وقت به بحريا ٽائون مافيا سنڌين جا گھر خالي ڪرائي قبضا ڪندي پئي وڃي. بحريا ٽائون مالڪ کي گرفتار ڪري  قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي. ايڪشن ڪاميٽي بحريا ٽائون خلاف پرامن احتجاج ڪيو هو. جنهن تي ايڪشن ڪاميٽي جي اڳواڻن تي 28 ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. سنڌ حڪومت به بحريا ٽائون مافيا سان ٻٽ بڻيل آهي.جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، زين شاھ، الاهي بخش بڪڪ سميت قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجن جي سلسلي کي تيز ڪيو ويندو.هوڏانهن تنگواڻي جسقم پاران چيئرمين صنعان خان قريشي سميت مرڪزي قيادت ۽ ايس يو پي اڳواڻ سيد زين شاهه سميت قومي ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ سنڌ دشمن منصوبي بحريا ٽائون خلاف تنگواڻي کان ڪنڌڪوٽ تائين 21 ڪلوميٽر پنڌ لانگ مارچ ڪيو ويو ۽ ريلي ڪڍي وئي ڪڍي وئي، ديشي اعجاز ملڪ،واليڏنو سبزوئي،روپلو باجڪاڻي،طالب لهر،حفيظ سنڌي جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ ايس يو پي،ايس ٽي پي، قومي عوامي تحريڪ، جسقم آريسر، جسم اڳواڻ شربت نندواڻي، مهتاب ملڪ، لونگ آڪاش نندواڻي سميت مختلف قومپرست اڳواڻن شرڪت ڪئي،ريلي جي صورت شهر جي مختلف چوڪ چوراهن جو گشت ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته سنڌ دشمن منصوبو بحريا ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، گرفتار اڳواڻن ۽ قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکنداسين،جنهن بعد ريلي پنهنجي منزل طرف رواني ٿي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.