بحريا ڌرڻوڪيس: صنعان قريشي، سميت 147 ڪارڪنن جي ضمانت منظور

ڪراچي(رپورٽر)سينٽرل جيل ۾ موجود دهشتگردي ٽوڙعدالت بحريا ٽائون ڪيس ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي، امجد مهيسر ۽ الاهي بخش بڪڪ سميت 147 قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن  جون ٻن ڪيسن ۾ ضمانت لاءِ داخل درخواستن تي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، عدالت ٻن ڪيسن 257 ۽ 259 ۾ پوليس پيپر نه هجڻ سبب ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي آهي،  عدالت جاچ آفيسرن کي پيپر کڻي اچڻ جو حڪم ڏنوآهي، عدالت جوابدارن کي 20-20 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي، ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ چيو ته عدالتي وقت ختم ٿيڻ سبب ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي آھي،  واضع رھي ته عدالت ڪيس 258 ۾ صنعان قريشي سميت 147 ڄڻن جي ضمانت منظور ڪري چڪي آھي. سينٽرل جيل ۾ قائم ٿيل اي ٽي سي ٻاھران صنعان قريشي جو ڀاءُ ۽ ٻين ڪارڪنن جا وارث وڏي انگ ۾ موجود ھئا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.