سينگار نوناري آزاد نه ٿيو، نصير آباد ۾ ريلي، 18 جولاءِ تي ڌرڻي جو اعلان

نصيرآباد/ باڊهه(نمائندا) عوامي ورڪز پارٽي جي اڳواڻن سينگار نوناري جي آزادي لاءِ  18 جولاءِ تي ڌرڻي سان جدوجهد جو اعلان ڪيو آهي. عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر بخشل ٿلھو، يوٿ سيڪريٽري خان غفار /ڏسو صفحو 7 ڪالم 2

خان، ناري جمھوري محاذ جي اڳواڻ عابده چنا ۽ فوزيہ سينگار ٽائون هال ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي تہ ملڪ جي قيام ۽ خاص طور تي 1954 ۾ آمريڪي سامراج جي جھولي ۾ ويھڻ کان پوءِ ملڪ جي ڪمدار حڪمرانن شير شاھ جي شڪرن وانگي جمھوريت لاءِ جھيڙيندڙ پنھنجن ئي شھرين کي دهشتگرد چئي کين واڙڻ ۽ مارڻ شروع ڪري ڏنو هو پير صبغت ﷲ شاھ راشدي، حسن ناصر، نذير عباسي ۽ ڄام ساقي تہ ڪجھ مثال آهن اڳ اهو جبر محدود هو هاڻ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مختلف وقتن تي سياسي ۽ نظرياتي فرقن جي آڌار تي رياستي ادارن هٿان سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن جو کنڀجڻ سالن کان روز جو لقاءُ بڻيل آهي بحريا ٽائون يا اينگرو ڪمپني جي چاڙھ ۽ قبضي گيريت خلاف جھيڙيندڙ سنڌ ۽ ماحول دوست عام ڪارڪنن کي بہ شامل ڪيو وڃي ٿو . ان خلاف مزاحمت ٿئي ٿي تہ ڪارڪنن کي کنڀي کڻي گم ڪيو وڃي ٿو جبري گمشدگين جي ڪڌي پاليسي آئين قانون ۽ جمھوريت جي سمورن قدرن جي لتاڙ آهي. سينگار نوناري عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جو قائم مقام پورهيت سيڪريٽري آهي . باڊهه ۾  بخشل ٿلھو. راجا لاشاري. ڪاشف علي جوڻيجو ۽ ٻين ايس ٽي پي جي جهوني پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ قادر بروهي سان گڏجي باڊھ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو  ته ڪامريڊ سينگار علي نوناري جو ڏوھ اهو آھي ته هو علائقي جي پورهيت طبقي، هاري ۽ مزدور جي ڀلائي ۽ انهن جي بهترين زندگي لاء هميشه جاکوڙيندو رهيو آھي. اغوا جو ڪيس داخل ڪرائڻ چاهيون ٿا پر ڪوبه ٿاڻو اسان جي فرياد وٺڻ لاء تيار ناهي۔ سنڌ حڪومت کا اھا گھر ٿا ڪيون ته ڪامريڊ سينگار نوناري کي جلد بازياب ڪيو وڃي ھنن وڌيڪ چيو ته 18 جولاء تي نصيرآباد ۾ ڪامريڊ سينگار نوناري جي آزادي لاء نصيرآباد باء پاس تي هڪ وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو. هوڏانهن عوامي ورڪرز پارٽي نصيرآباد جي سڏ تي سينگار نوناري جي بازيابي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي، ٽئڪسي اسٽينڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي صدر ڪامريڊ بخشل ٿلهو ڌرڻي سان خطاب ڪندي چيو ته مزدور اڳواڻ سينگار نوناري بغير سبب، ڏوهه جي گم آهي. نام نهاد سنڌ حڪومت ارڙهين ترميم تي پٻيون ٿي هڻين پر سنڌ جي سياسي، جمهوري، پورهيت توڙي قومي ڪارڪنن جي کنڀجڻ تي گونگي ۽ ٻوڙي آهي. شهر ويران آهن، سنڌ جا وسيلا قبضن هيٺ آهن پر جنهن ڪارڪن، اڳواڻ آواز اٿاريو، ان کي اغوا ڪيو ٿو وڃي. پر ياد رکو اسين ڀاڳيا آهيون، هو چور آهن. فوزيا سينگار ڳالهائيندي چيو ته، هن ملڪ ۾ ارڙهين ترميم کان پوءِ به سنڌ حڪومت جي ڪهڙي حيثيت بيٺي آهي جو وفاقي ادارا اچي اسانجي گهرن ۾ گهڙي اسانجا ور کنڀي وڃن ٿا. جبري گمشدگين ۾ وفاق سان گڏ سنڌ حڪومت جو به پورو پورو هٿ آهي. اسانکي ٽيون هفتو آهي روڊن تي آهيون پر اڃا سينگار جي ڪا خبر ناهي. آئون ٻچڙن سميت اپيل ٿي ڪيان ته منهنجي ٻچن جي ذهن کي آزاد ڪيو، هنن جي زبان تي پنهنجي ابي متعلق سوال آهي. سندن سوال جا جواب ڏيو. سينگار آزاد ڪيو.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.