ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ: پاڪستان ۽ ڀارت هڪ ئي گروپ ۾ شامل

دبئي(اسپورٽس نيوز ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي گروپن جو اعلان ڪيو ويوآهي. روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت کي هڪ ئي گروپ ۾ شامل ڪيو ويو آهي . آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 17 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو، آءِ سي سي جي ترجمان موجب سپر 12 ٽيمن جي گروپ ٽو ۾ پاڪستان ۽ ڀارت سان گڏ نيوزي لينڊ ۽ افغانستان جون ٽيمون به شريڪ آهن، سپر 12 جي گروپ ون ۾ آسٽريليا، انگلينڊ، سائوٿ آفريقا ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون آمهون سامهون هونديون،گروپ ون ۽ ٽو ۾ وڌيڪ ٻه ڪواليفائيڊ ٽيمون به هونديون. ان سان گڏ رائونڊ ون جي گروپ اي ۾ سري لنڪا، آئر لينڊ، نيدر لينڊ ۽ نميبيا کيڏندا. رائونڊ ون جي گروپ بي ۾ بنگلاديش، اسڪاٽ لينڊ، پوپائي، نيو گني ۽ عمان جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا.

سنڌ جي نجي جيلن مان سال 2020ع ۾ 3086 هاري عدالتي حڪم تي آزاد ٿيا: هاري ويلفيئر

ڪراچي(رپورٽر) هاري ويلفيئر ايسو سي ايشن طرفان هارين جي حقن بابت   سالياني تحقيقي رپورٽ جي پڌرائي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ٿي گذري جنهن ۾ سياسي، سماجي، هاري مزدور، عورت اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي پائلر جي ڊائريڪٽر ڪرامت علي، سنڌ ڪميشن آن اسٽيٽس آف وومين جي چيئر پرسن نزهت شيرين، انٽر نيشنل ليبر آرگنائيز يشن جي اڳواڻ عابد نياز خان، هاري ويلفيئر ايسو سي ايشن جي صدر اڪرم خاصخيلي، ايڇ آر سي پي جي اڳواڻ قاضي خضر ، پيپلز ليبر بيورو جي صدر حبيب الدين جنيدي، ناصر منصور، ذوالفقار شاهه، زينت حسام ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته  سنڌ ۾ هارين جي استحصال جو وڏو سبب جاگيرداري نظام آهي، اسيمبلين ۾ ويٺل جاگيردار نٿا چاهين ته سنڌ ۾ هارين کي پنهنجا حق ملن، هارين بابت جوڙيل قانونن تي عمل نه ٿيڻ ۾ وڏي رڪاوٽ جاگيردار طبقو آهي، جبري پورهئي جي خاتمي تي عمل نه ٿيڻ ڪري هزارين هاري ۽ مزدور پنهنجي خاندانن سميت جاگيردارن جي نجي جيلن ۾ قيد آهن ، هُنن وڌيڪ چيوته سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ حيدرآباد هڪ هاري جي پٽيشن تي صوبي جي هارين جي حقن بابت سنڌ جي تاريخ ۾ ٽيننسي ايڪٽ بعد هڪ وڏو تاريخي فيصلو ڏنو آهي، عدالتي فيصلي تحت صوبي جي ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کان هارين جا ڪيس ٻڌڻ جا اختيار واپس وٺي بيگار جي شق کي رد ڪري ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميم ٿيڻ تائين هارين جا ڪيس ٻڌڻ جا اختيار جوڊيشل مئجسٽريٽن جي حوالي ڪيا آهن، هنن چيو ته سنڌ حڪومت طرفان اُن عدالتي فيصلي  کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪرڻ لکين هارين سان ناانصافي جو چٽو ثبوت آهي هنن سنڌ حڪومت کان گهر ڪئي ته سنڌ حڪومت ان فيصلي کي چئلينج ڪرڻ بدران فوري طور تي صوبي جي لکين هارين جي رجسٽريشن جو ڪم  مڪمل ڪري ۽ ان دوران هارين جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيمن، چونڊيل نمائندن سميت سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي سنڌ ٽيننسي ايڪٽ 2013ع ۾ ترميم ڪري ان کي سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪرائي ته جيئن سنڌ جي هارين جي حقن جو تحفظ ٿي سگهي، هنن چيو ته سنڌ ٽيننسي ايڪٽ ۾ ترميم ڪرڻ کان اڳ هارياڻين بابت به تجويزون وٺي انهن کي به شامل ڪيو وڃي ته جيئن ٽيننسي ايڪٽ ۾ سنڌ جي هارياڻين جي حقن ۽ تحفظ جي ضمانت کي قانوني شڪل ملي سگهي. رپورٽ ۾ پڌرو ڪيل انگن اکرن مطابق سال 2020 دوران سنڌ ۾  3086 پورهيت نجي جيلن مان ڪورٽ ذريعي آزاد ٿيا جن ۾ 915 ٻار ۽ 1154 عورتون شامل آهن. سنڌ حڪومت پاران سنڌ بانڊيڊ ليبر ابالشن ايڪٽ 2015 پاسي ڪيو ويو آهي پر 4 سال گذرڻ باوجود اڃا تائين سنڌ جي 30 ضلعن مان صرف 12 ضلعن ۾ ڊسٽرڪٽ وجيلنس ڪاميٽيون ٺهي سگهيون آهن جيڪي پڻ جبري پورهئي کي روڪڻ ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ويون آهن . جنهن جي ڪري سنڌ جا هزارين هاري ۽ بٺا مزدور جاگيردارن جي نجي جيلن ۾ رهن ٿا.

آمريڪا سان لاڳاپا برقرار رکڻ چاهيون ٿا: آرمي چيف

راولپنڊي(م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان پاڪستان ۾ آمريڪي سفير ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي ۽ موجوده افغان صورتحال  تي ڳالهيون ڪيون ويون. انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب ملاقات ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل سهڪار بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.  آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف مختلف شعبن ۾ ڊگهي مدي وارن رابطن جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان آمريڪا سان ٻطرفا رابطا جاري رکڻ چاهي ٿو.  03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.