ڀٽ شاهه جو واسو مل کپري مان بازياب، هار پارائي شاندار آجيان

ڀٽ شاھ (رپورٽ: ارشاد علي ٻگھيو )لطيف جي نگري مان چار ڏينهن اڳ ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل ڀٽ شاھ جو مشھور واپاري سيٺ واسومل کي پوليس بازياب ڪرائي ورتو، وارثن واسومل کي خوشي مان گلن جا ھار پارائي آجيان ڪئي، ان موقعي تي مغوي جي وارثن چيو ته اسان انتهائي خوش آھيون واسومل  پنهنجي ٻچن سان مليو ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگهيو ۽ سندس ٽيم جي ڏينهن رات جي محنتن سان پنھنجي گهر خير خيريت سان پھتو ان موقعي تي واسومل جي پٽ جئه پرڪاش ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته والد جي اغوا بعد انتهائي پريشان ھئا سين گهر ۾ روڄ راڙو متل ھو ۽ انتظار هو ته ٻيھر پنهنجي بابا سان ملنداسين به الائي نه پر ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگهيو ۽ ٽيم جي ڏينهن رات جي محنتن سان بابا اڄ اسان وچ ۾ موجود آھي آئون ايس ايس پي مٽياري ۽ان جي سموري ٽيم سان گڏوگڏ شھرين توڙي صحافين، سياسي سماجي مذھبي ۽ قومپرستن پارٽين جي اڳواڻن جا شڪرگذار آھيون جن ھن مشڪل گھڙي ۾ ھمدردي لاءِ اسان وٽ آيا ۽ اسان جو ساٿ ڏنو  ان موقعي تي ايس ايس پي مٽياري موقف ڏيندي چيو ته ڪجھه ڏينهن پهريان ڀٽ شاھ جي داخلي روڊ ھيلي پيڊ تان واپاري واسومل کي ھٿياربندن ھٿيارن جي زور تي اغوا ڪيو ھو جنهن کان پوءِ وارثن کي مغوي جي بازيابي جو يقين ڏياريندي پنهنجن بھترين آفيسرن جي ٽيم جوڙي مغوي جي بازيابي جي لاءِ مختلف هنڌن تي آپريشن ڪري گرفتاريون ڪيون جنهن جي نتيجي ۾ رات دير سان پوليس کپري شھر ڀرسان ڪارروائي ڪئي ھٿياربندن ۽ پوليس ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي ھٿياربند پوليس جي خوف کان واپاري واسومل کي ڇڏي فرار ٿي ويا ھن وڌيڪ چيو ته ضلع مٽياري ۾ ڪو به ڏوھه برداشت نه ڪندس ۽ ڏوهارين خلاف سخت کان سخت قانوني ڪارروائي ڪري قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻيندس.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.