برطانوي عدالت پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ وجهڻ وارو حڪومتي فيصلو درست قرار ڏئي ڇڏيو

لنڊن(ويب ڊيسڪ) لنڊن هاءِ ڪورٽ پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ وجهڻ واري برطانوي حڪومت جي فيصلي کي درست قرار ڏئي ڇڏيو.

لنڊن هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته پاڪستان کي ريڊ لسٽ مان ڪڍڻ جو فيصلو برطانوي حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي، وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جا فيصلا درست آهن.

خيال رهي ته پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ وجهڻ واري برطانوي حڪومت جي فيصلي خلاف بيرسٽر زهاب جمالي سميت 3 پاڪستانين عدالت سان رابطو ڪيو هو.

لنڊن هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته پاڪستان ۾ ڪيس گهٽ ٿيڻ جي باوجود ڀارت کان پهرين ڇو ريڊ لسٽ ۾ وڌو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.