ٽنڊو رحيم خان، قاضي احمد، مٺياڻي، ميهڙ، کهڙا، هوسڙي ۽ ڪراچي جون خبرون

ٽنڊو  رحيم خان : ڪاڇي ۾ تيز برسات، نئين گاج وهڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ

 

قاضي احمد:سڪرنڊ شگر ملز جي برطرف ملازمن پاران بحالي لاءِ احتجاج جاري

 

مٺياڻي ۾ منشيات جو عادي نوجوان فوت،اسڪول جي عمارت مان لاش هٿ

 

ميهڙ:3 ڏينهن اڳ نينگري کي ڏاڍائي جو نشانو بڻائيندڙ مک جوابدار گرفتار

 

کهڙا ۾ برسات جو وسڪارو، موسم خوشگوار،کجي جي فصل کي نقصان

 

هوسڙي: شھرين ۽ صفائي واري عملي  پاران ٽائون آفيسر ۽ سيڪريٽري خلاف مظاھرو

 

ڪراچي: شهيد عثمان ڪاڪڙ جي  قتل خلاف احتجاجي ريلي

 

1

کير ٿر  جي جابلو پٽي سميت ڪاڇي ۾ وقفي وقفي سان تيز برسات جو سلسلو جاري رهيو ، تيز برساتن سبب نئين گاج 25 فوٽ وهي اچڻ ڪري ڪاڇي جا هڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ متاثر ٿيا، جڏهن ته  هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا،  نئين گاج ڪاڇي جا سوين ننڍا وڏا ڳوٺ پاڻي جي وهڪري هيٺ اچي ويا ، ڄاڻايل سوين ڳوٺن جو ھيڊ ڪوارٽر جوهي سان زميني رابطو پڻ مڪمل ڪٽجي ويو ،

ضلعي انتظاميا گاج وهڪري ۾ ڦاٿل ماڻهن جي ڪا به واهر نه ڪئي ،ٻئي طرف وڏي تعداد ۾ ماڻهن جو چوپايو مال ۽ گهريلو سامان پڻ لڙهي ويو ، نئين گاج جو پاڻي واهي پانڌي ڊرگھ بالا حاجي خان ۽ ڇني روڊ کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو ۽ پاڻي ايف پي بند کي پائڻ لڳو جنهن سبب ڪنهن به وقت ايف پي بند کي گهاري پئجي سگهي ٿو، سرڪاري سطح تي ڪي به ٽيمون نه پهتيون ماڻهن وٽ کاڌ خوراڪ نه هجڻ ڪري سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻ لڳا، ٻئي پاسي گاج جي  وهڪري ۾ ڦاٿل ماڻهن سنڌ سرڪار کان فوري ريسڪيو ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي .

2

سڪرنڊ شگرمل قاضي احمد جي عتاب جو نشانو بڻيل برطرف مزدورن پاران پنهنجي مطالبن جي حق ۾ احتجاج جاري رکيو ويو. ان موقعي تي شگرمل جي ورڪمين يونين اڳواڻن صدر حاجي الياس مري، س نائب صدر غلام قادر ڪيريو، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري معشوق چانڊيو، پريس سيڪريٽري غلام حيدر انڙ، خزانچي محمد جمن ڏاهري ۽ عبدالحڪيم کوسو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي چيو ويو ته سڪرنڊ شگرمل انتطاميا بنا جواز 22 کان مٿي ملازمن کي بغير ڪنهن نوٽيس جي ٽي سال اڳ برطرف ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري اسان جا ٻچا بکون ڪاٽي رهيا آهن، هنن آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ، ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد کي اپيل ڪئي ته کين نوڪرين تي بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ هو  ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي ڌرڻو  هڻندا.

3

منشيات جو عادي نوجوان ٿاڻي ڀرسان گورنمينٽ پرائمري پي سي اسڪول جي عمارت اندر فوت ٿي ويو، مٺياڻي جي وارڊ 4 جو رهواسي 20 ورهين جو نوجوان سراج ڀٽي هيروئن واپرائڻ سبب ٿاڻي سان گڏ قائم گورنمينٽ پرائمري پي سي اسڪول جي  زبون حال عمارت ۾ فوت ٿي ويو،   فوتي جي وارثن ٻڌايو ته  نوجوان ڪالهه  رات 10 وڳي گھران نڪري ويو ھو،  هن وقت انهن کي نوجوان جو لاش مليو آهي،  هنن ٻڌايو ته اسان جو نوجوان نشي جو عادي هو،  اسان جي ڪنهن سان به ڪا  دشمني نه آهي

4

ميھڙ ۾  3 ڏينھن اڳ جوابدارن پاران 11 ورهين  جي نينگري فوزيه کي اغوا بعد جنسي ڏاڍائي جو نشانو بنائڻ واري ڪيس ۾ ميھڙ پوليس اھم اڳڀرائي ڪئي آھي،  ايس ايڇ او ميھڙ نور مصطفي پٺاڻ  ڳجھي اطلاع تي ڇاپو ھڻي  ڪيس جر مک جوابدار  عبدالرحمان تيوڻو کي گرفتار ڪري ورتو آهي،  ھوڏانھن پوليس ذريعن موجب متاثره  ٻارڙي جو طبي معائنو ڪندڙ ليڊي ڊاڪٽر پاران ابتدائي رپورٽ م پڻ ٻارڙي سان ڏاڍائي جي تصديق ڪئي وئي آهي.

5

کهڙا ۾ برسات جي وسڪاري کانپوءِ  گرمي جو زور ٽٽي پيو، موسم خوشگوار ٿي وئي. برسات کانپوءِ بجلي سميت مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، برسات جو مزو وٺڻ لاءِ نوجوان گهرن کان ٻاهر روڊن تي نڪري آيا. برسات سبب کجي جي فصل کي نقصان ٿيڻ لڳو ،  آبادگارن کي مٿن تي هٿ اچي ويا. تيز هوا ۽ برسات سبب دڪانن جا ڇپرا ۽ سائن بورڊ به  اڏامي ويا.

6

ھوسڙي ۾  شھرين ۽ صفائي واري عملي  پاران ٽائون آفيسر ۽ سيڪريٽري خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، .احتجاجي مظاھري  جي اڳواڻي.انيتا .تنوير قائمخاني.ابرار راجپوت ۽ ٻين ڪئي ، احتجاج ڪندڙن ٽائون ڪميٽي  آفيس جي گيٽ  اڳيان ۽ ھوسڙي  روڊ تي الڳ الڳ ڌرڻا هنيا ، ان موقعي تي  دانھيندي سندن چوڻ هو ته ٻن مھينن کان صفائي واري عملي جون پگھارون بنا سبب بند ڪيون ويون آھن. پگهارون نه ملڻ تي شھر جي صفائي احتجاجن  نٿي ڪئي وڃي جنهن ڪري شھر جي گهٽين ۽ روڊن تي ڪچري جا ڍير لڳي ويا آھن، هنن چتاء ڏيندي چيو ته جيسين شھر جي صفائي وارو معامرو حل نٿو ڪيو وڃي تيستائين ٽائون آفيس کولڻ نه ڏني ويندي.

7

پشتونخواھ ملي عوامي پارٽي سنڌ پاران شهيد عثمان ڪاڪڙ جي قتل خلاف ريگل  چوڪ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين صوبائي صدر نذير جان خان يوسفزئي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،ريلي ۾ صوبائي نائب صدر سليم خان ترين،صوبائي جنرل سيڪريٽري صابرين خان اچڪزئي، سراج خان،سيد صديق آغا ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي اداري کان مطالبو ڪيو ته عثمان ڪاڪڙ جي قتل جي جاچ ڪري ذميوارن کي انجام تائين پهچايو وڃي،هنن چيو ته ملڪ ۾ قومن کي برابري جي بنياد تي حق ۽ عوام جي حڪمراني لاءِ آئين ۽ قانون جي بالادستي ضروري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.