عوام لاءِ بري خبر: بجلي ماهوار بنيادن تي مهانگي ڪرڻ جي تياري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) شهر جي بجلي جي واهپيدارن جي لاءِ بري خبر آهي ته ماهوار ۽ ٽه ماهي فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 6 رپيا 52 پيسا مهانگي ٿيڻ جا امڪان آهن.

جولاءِ کان جون ۽ جنوري کان مارچ 2021ع تائين جي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست داخل ڪري ڇڏي. نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي درخوست تي 28 جولاءِ تي ٻڌڻي جو فيصلو ڪندو.

ڪي اليڪٽرڪ جنوري جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 1 رپيو 97 پيسا في يونٽ، فيبروري 2 رپيا 49 پيسا في يونٽ ۽ مارچ جي لاءِ 1 رپيو 49 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.