”افغانستان پاڻ ئي افغان ريلوي پراجيڪٽ ۾ رنڊڪ پيو بڻجي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ٽرانس افغان ريلوي پراجيڪٽ ۾ افغانستان جي صورتحال جي ڪري ڏکيايون ٿي رهيون آهن.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان طرفان شاهه محمود قريشي جو وڊيو بيان جاري ڪيو ويو آهي.

پنهنجي وڊيو بيان ۾ شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته وزيراعظم اڄ تاشقند ۾ سينٽرل ۽ جنوبي ايشيائي رابطا ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، جيڪڏهن اسان جي خطي معاشي ۽ اقتصادي طور اڳتي وڌڻو آهي ته رابطا ضروري آهي.

سندس چوڻ هو ته ٽرانس افغان ريلوي پراجيڪٽ، ازبڪستان کي افغانستان پاڪستان جي رستي سان ڳنڍيندو.ان حوالي سان به تفصيلي ڳالهيون ٿيون آهن، اسان سموري رستي جو جائزو ورتو آهي.

شاهه محمود قريشي چيو آهي ته منصوبي ۾ ڏکيايون رڳو افغانستان جي صورتحال جي ڪري ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن افغانستان جي صورتحال بهتر ٿي ته اسان ان منصوبي تي اڳتي وڌڻ لاءِ تيار آهيون.پاڪستان ان منصوبي جي فزيبلٽي لاءِ ورلڊ بينڪ سان اڳواٽ ئي رابطي ۾ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.