نيب ڪراچي تعليم ۽ صحت کاتي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڊائريڪٽر جنرل قومي احتساب بيورو (نيب) ڪراچي تعليم کاتي ۽ صحت کاتي ۾ اربين رپين جي ميگا ڪرپشن جي جاچ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

نيب طرفان جاري پڌرائي موجب ڊي جي نيب ڪراچي نجف قلي مرزا جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڊي جي نيب 6 انڪوائريز کي جاچ ۾ تبديل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

پڌرائي موجب تعليم کاتي ۽ صحت کاتي ۾ اربين رپين جي ماليت جي ميگا ڪرپشن اسڪينڊل جي جاچ جي منظوري ڏني وئي.

نيب موجب تعليم ۽ صحت کاتي ۾ 11 غير قانوني ٺيڪا من پسند ماڻهن کي ڏنا ويا، آرڪائيو کاتي ۾ 2 ارب جي اسڪينڊل جي جاچ جي به منظوري ڏني وئي.

ان کان سوءِ سيوهڻ ڊيولپمنٽ اٿارٽي جي ڊي جي ۽ ٻين آفيسرن جي خلاف ڀارتين ۽ مقررين جي جاچ جي به منظوري ڏني وئي آهي، ورڪس اينڊ سروسز ڊيپارٽمنٽ جي آفيسر مدد علي آرائين جي خلاف به آمدن کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ جي منظوري ڏني وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.