اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن لاءِ ضابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)اليڪشن ڪميشن ڪينٽ بورڊ ۾ ٿيندڙ مڪاني چونڊن لاءِ ضابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيا.

اليڪشن طرفان جاري ڪيل ضابطا اخلاق ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽيون ۽ اميدوار پاڪستان جي نظريي ۽ ملڪي خودمختياري خلاف ڪنهن به راءِ جو اظهار نه ڪندا.

ڪو به اميدوار اهڙو اظهار نه ڪندو جنهن سان پاڪستاني فوج جي ساک متاثر ٿي سگهي ڪو اهڙو بيان نه ڏنو ويندو جنهن سان عدالتن جي آزادي ۽ خودمختياري کي ڇيهو رسي.

ضابطا اخلاق موجب وزيراعظم، چيئرمين سينيٽ، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، وفاقي ۽ صوبائي وزير ۽ اسيمبلي ۽ سينيٽ جا ميمبر ۽ چونڊ مهم جا صلاحڪار مهم ۾ حصو نه وٺندا نه ئي چونڊن دوران ڪينٽ بورڊ جو دورو ڪندا.

جاري ڪيل ضابطا اخلاق موجب سياسي جماعتون ۽ اميدوار پنهنجي اخلاقيات کي برقرار رکندا ۽ اميدوار اليڪشن ڪميشن جي خلاف بيان بازي کان به پاسو ڪندا، ٻئي صورت ۾ توهين جي ڪارروائي ڪئي ويندي.

اليڪشن ڪميشن موجب ڪو به اميدوار ووٽرن کي ڌمڪيون ۽ رشوت ڏيڻ سميت ڪنهن به تشدد ۽ مجرماڻي سرگرمي ۾ ملوٽ نه هوندو، ان سان گڏ ڪنهن سرڪاري ملازم جي حمايت يا مدد حاصل نٿي ڪري سگهجي، مهم دوران پينافليڪسن سميت سرڪاري عمارتن سميت ڪنهن به ڀت تي اشتهار ۽ وال چاڪنگ جي به اجازت نه هوندي.

جاري ضابطا اخلاق ۾ چيو ويو آهي ڪنهن به اميدوار کي نامزدگي ڪاغذ واپس وٺڻ لاءِ لالچ يا تحفو نه ڏنو ويندو، ڳجهي نموني چندو ۽ عطيو ڏيڻ جي به اجازت نه هوندي نه ئي ڪو اميدوار اهڙو واعدو ڪري سگهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.