ڪورونا ويڪسين نه ڪرائيندڙن کي اتر وارن علائقن ڏانهن نه وڃڻ جي هدايت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي سربراهه اسد عمر ويڪسينيشن نه ڪرائيندڙ ماڻهن کي اتر وارن علائقن ڏانهن وڃڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا بريفنگ دوران اسد عمر چيو ته عيد جي موڪلن ۾ احتياط جي گهڻي ضرورت آهي، ائين نه ٿئي جو توهان جي تفريح خدا نخواسته ڪنهن جي موت جو سامان نه بڻجي پوي.

هن چيو ته ويڪسينيشن کان پوءِ ڪورونا جو خطرو گهٽ ٿيڻ سان واضح شاهديون موجود آهن ان ڪري جن ماڻهن ويڪسين نيشن نه ڪرائي ته عيد جي موڪلن ۾ اتر وارن علائقن جو رخ ڪرڻ کان پاسو ڪن.

اسد عمر جو چوڻ هو ته ويڪسي نيشن نه ڪرائيندڙن کي وائرس جون ٻئي خوراڪون وٺندڙن جي ڀيٽ ۾ 7 سيڪڙو وڌيڪ خطرو آهي، ويڪسينيشن کان پوءِ ڪورونا به ٿي وڃي ته انفيڪشن شديد ناهي ٿيني.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.