ڄام صاحب شهر سهولتن کان محروم ، هر پاسي گندگي جا ڍير، صفائي عملو غائب

ڄام صاحب شهر ۾ ڏهن سالن  کان ڪي به ترقياتي ڪم نه ٿيڻ ۽ صفائي سٿرائي جا انتظام اڻپورا هئڻ ڪري شهر گندگي  جو ڍير ٿي ويو،  چئن وارڊن تي مشتمل ٽائون ڪميٽي ڄام صاحب ۾ شهر جي ترقياتي ڪمن ۽ صفائي سٿرائي لاءِ ايندڙ ماهوار 16 سورنهن لک رپين جي بجيٽ هڙپ ٿيڻ لڳي،  ڏاھري پاڙو هن جديد دور ۾ به گٽر نالي ۽ روڊ جهڙي سهولت کان محروم آهي جنهن ۾ ٿوري برسات وسڻ سبب پاڻي ڪيترائي مهينا تلائن جي صورت ۾ بيهجي وڃي ٿو،  جنهن ڪري مڇر ۽ بدبوءِ ھئڻ ڪري مليريا سميت ٻيون بيماريون ڦهلجڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آهي،  شهر جي  منگي پاڙي ڪيريا پاڙي سولنگي پاڙي خاصخيلي پاڙي ۽  بروھي پاڙو ۾ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ ڪري گٽرناليون بند ٿي ويون  جنهن سبب گهرن ۾ گندو پاڻي اچڻ لڳو، شهرين مطالبو ڪيو ته شهر ۾ صفائي سٿرائي ڪرائي ڏني وڃي ته جيئن برساتي پاڻي گهرن ۾ داخل نه ٿئي ۽ پاڻي جو نيڪال يقيني بڻائي عوام کي بيمارين ۽ پريشاني کان بچايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.