چمبڙ: پورهيت جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪولهي اتحاد جو احتجاج

چمبڙ  ڀرسان ڪنري ۾ هڪ مهينو اڳ بيدردي سان قتل ٿيل پورھيت ڀيرو ڪولھي جا مک جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي چمبڙ ۾  پاڪستان ڪولھي اتحاد جي اڳواڻن پاران  پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو  ڪيو ويو.  ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان ڪولهي اتحاد ٽنڊوالھيار ۽ چمبڙ جي اڳواڻن ڪامريڊ راڌو رام راٺوڙ، ڪامريڊ گونداحسن ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته ڪنري ۾ بيدردي سان قتل ٿيل پورهيت ڀيرو ڪولهي جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار ھڪ مهينو گذرڻ باوجود به ڪنري پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، هنن الزام هنيو ته  ڪنري پوليس بااثر وڏيرن جي ونگار وهندي مک جوابدارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي،  انھن مطالبو ڪيو ته پورهيت ڀيرو ڪولهي جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار جلد کان جلد گرفتار ڪيا وڃن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.