غوثپور ڀرسان مختلف شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگادرن پاران احتجاجي مظاهرو

غوثپور ڀرسان مختلف شاخن ۾  پاڻي جي کوٽ خلاف مختلف ڳوٺن جي آبادگادرن  پاران  الاهي بخش لاڙو ڀرسان انڊس هاءِ وي تي  احتجاجي مظاھرو ڪري  انجنيئر خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ،ان موقعي تي  آبادگارن توڙي هارين عبدالحفيظ بجاراڻي، غلام حيدر ميراڻي،رسول بخش بجاراڻي ۽ احتجاجي مظاھرو  ڪندي چيو انهن جو لکين روپين جو سارين جو ٻيجارو سڙي رھيو آھي ۽ انهن جو معاشي قتل ٿي رهيوآهي ،  پر آبپاشي عملدار وارا بندي جو جواز ڄاڻائي  شاخن کي مڪمل بند ڪيون ويٺا آھن ، آبادگارن ڳوٺاڻن صوبائي توڙي وفاقي حڪومت سميت ڊي سي ڪشمور منور علي مٺياڻي ۽ آبپاشي عملدارن کان گُهر ڪئي ته نوٽيس وٺي شاخن ۾ پاڻي مهيا ڏنو وڃي ته جيئن هزارين جريب زمين سڪڻ کان بچائي  سگهجي ۽ آبادگارن توڙي هارين جو معاشي قتل ٿيڻ کان بچائي سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.