ميھڙ: رائيس ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف سوين هارين ۽ آبادگارن پاران مظاهرو، ڌرلل

رائيس ڪئنال ۾ پاڻي کوٽ خلاف ارشاد علي چانڊيو، اصغر علي ڳورڙ، ممتاز چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين هارين ۽ آبادگارن پاران  انڊس هاءِ  وي بريدارو  اسٽاپ وٽ لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ مين روڊ انڊس هاءِ وي تي ٽائرن کي باهه ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري نٽهڻ  اس ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري چئن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو ويو،  آبادگار اڳواڻ حاجي ارشاد چانڊيو‘اضغر علي ڳورڙ‘ ممتازچانڊيو‘ ۽ٻين چيو ته رائيس ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ شدد اختيار ڪري چڪي آهي جنهن سبب پوکيل ٻج سڙي رهيوآهي ۽ هارين کي لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي پاڻي وقت سر نه مليو ته هتان جا ماڻهو معاشي بدحالي جو شڪار ٿي ويندا ۽ بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويندا ، وقفي وقفي سان چڪريون هلنديون رهيون ۽ چئن ڪلاڪن بعد آبپاشي انجنيئرنديم جوکيو‘پ پ يوٿ ضلع صدر مير مرتضي ڳورڙ ,ڊي ايس پي محمد يونس رودناڻي‘ايس ايڇ او ميهڙ ۽ايس ايڇ او ٿرڙي محبت وڏي نفري ساڻ  روينيو جي ملازمن  سان گڏ ڌرڻي واري هنڌ پهتا ۽آبادگارن ۽ هارين سان ڳالهيون  ڪيون، خاطري بعد احتجاج ختم ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.