بلوچستان: ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ، جمعي جي ڏينهن واپار بند رکڻ جو فيصلو

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ جي ڪري سڄي صوبي ۾ جمعي جي ڏينهن سرگرميون معطل رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

صوبائي حڪومت هفتي ۾ هڪ ڏينهن يعني جمعي جي ڏينهن هر طرح جو واپار ۽ واپاري سرگرميون معطل رکڻ ۽ مارڪيٽون ۽ بازار بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته ميڊيڪل اسٽورز، گراسري، کير ڏکي جا دڪان ۽ تندورون کليل رهنديون.

ٻئي پاسي گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوئيٽا ۾ ڪورونا وائرس جون 931 ٽيسٽون ڪيون ويون انهن مان 52 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي ۽ ڪورونا جي پکڙجڻ جي شرح 5.59 سيڪڙو ريڪارڊ ڪئي وئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.