وزير اعظم 40 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جي لاءِ 40 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

ذريعن موجب 10لک ٽن خانگي شعبي جڏهن ته ٽي سي پي، پاسڪو ۽ ٻيا سرڪاري ادارا 30 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪندا.

ٻئي پاسي آل پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته فوڊ سيڪيورٽي جي لاءِ 20 لک ٽن ڪڻڪ جي درآمد ڪافي آهي، حڪومت افغانستان ۽ وچ ايشيائي رياستن کي ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي.

آل پاڪستان فلو ملز ايسوسيئيشن لاهور ۾ 15 سهولت بازارون بند ڪرڻ ۽ پنجاب حڪومت جي سستي بازارن جو انگ ۽ اٽي جي موجودگي ۾ 50 سيڪڙو ڪٽوتي جي مذمت ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.