ڪوٽ غلام محمد ، گمبٽ ، ڪنڌڪوٽ ، سئي گئس ۽ مانجھند جون خبرون

ڪوٽ غلام محمد:شهيد راڻي پبلڪ اسڪول ۾ سالياني تقريب

 

گمبٽ: ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي قومي اڳواڻن جي گرفتارين خلاف مظاهرو

 

ڪنڌڪوٽ :اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي لاءِ جسقم جو احتجاجي مارچ

 

سئي گئس: عورتن پاران ويسر برادري جي ماڻهن تي گهر ۾گهڙِي تشدد ڪرڻ جو الزام

 

مانجهند: ايس يو پي پاران زين شاهه سان ٻڌي جي اظهار لاءِ ريلي ۽ڌرڻو

ڪوٽ غلام محمد ويجهو ڳوٺ ڊينگاڻ رستي ۾ قائم سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سھڪار سان ھلندڙ شھيد راڻي پبلڪ اسڪول ۾ سالياني امتحان جي نتيجن جي  تقريب ڪوٺائي وئي،  تقريب ۾ عبدالڪريم سھتو ۽ ساقي سليم مھمان خاص طور شرڪت ڪئي ،  جڏهن ته ٻارن جا والدين به شريڪ ٿيا،  پوزيشن کڻندڙ ٻارن راجو, ھريش ,رامچند, شامرو, امرشي, دليپ ڪمار ۽ ٻين ٻارن  ۾ اسڪول جي استادن ھيڊ ماستر صدام حسين لاشاري, زاھد حسين, مس بشرا, مس روما ۽ ٻين استادن پاران انعام پڻ ورھايا ويا ،تقريب جي آخر ۾ شھيد راڻي پبلڪ  اسڪول جي آپريٽر الطاف حسين سھتو خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان اسڪول جي ٻارن جي حوصلا افزائي لاءِ ھي تقريب رکي آهي اسان شڪر گذار آھيون اسان جي معزز مھمانن جا جيڪي پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي ان پروگرام ۾ آيا .

2

گمبٽ ۾ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي گرفتارين خلاف پريس ڪلب گمبٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري بحريا ٽائون تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ڪيو ويو،  ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ فريد خاصخيلي،سڪندر چانڊيو،خادم رتڙ،حيدر چانڊيو،زاهد شنڀاڻي ۽ ٻين چيو ته بحريا ٽائون سميت ڪو به سنڌ دشمن منصوبو قبول ناهي،هنن چيو ته. سنڌ حڪومت به بحريا ٽائون مافيا سان ٻٽ بڻيل آهي. هنن چيو ته  قومي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاجن جي سلسلي کي تيز ڪيو ويندو.

3

جيئي  سنڌ قومي محاذ طرفان تنگواڻي کان ڪنڌڪوٽ تائين مرڪزي  چئيرمين صنعان خان قريشي امجد مهيسر ديدار شام ۽ ٻين اڳواڻن  جي آزادي ۽ قومي ڪارڪنن ته داخل ڪوڙا ڪيس ۽ بحريا ٽائون خلاف 18 ميل پيادل مارچ ڪيو ويو ،  سخت گرمي باوجود ڪارڪنن پيادل مارچ جاري رکيو ۽ ڪنڌڪوٽ ۾ پهچي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن والي ڏنو سنڌي امتيازڪلوڙ حفيظ سنڌي ۽ ٻين چيو  ته جسقم جي مرڪزي اڳواڻن کي آزاد ڪيو وڃي ۽ قومي ڪارڪنن مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪياوڃن ، هنن وڌيڪ چيو ته بحرياٽائون سنڌدشمن منصوبو آھي ۽ ان خلاف احتجاج جاري رهندو .

4

سئي گئس لڳ ڳوٺ گل محمد سنجراڻي ۾ سنجراڻي برادري جي عورتن پاران ويسر برادري جي ماڻهن تي گهر ۾ گهڙي انهن سان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش دوران مزاحمت تي تشدد ڪرڻ جو الزام لڳايو، مسمات فضيلان زال جاويد سنجراڻي، فيضان زال اعجاز علي سنجراڻي ۽ ٻين ميرواھ ٿاڻي اڳيان دانهيندي چيو ته رات دير سان عرفان، قربان، قادر بخش، نادر ويسر شراب جي نشي ۾  ڌت ٿي اسان جي گھر ۾ گھريا ۽ اسان سان زيادتي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿن،  اھڙي عمل خلاف اسان مزاحمت ڪئي ته  اسان مٿان تشدد ڪري زخمي ڪيو اٿن،  جڏھن اسان دانھون ڪيون ته پاڙي وارا گڏ ٿي ويا جنھن بعد ھنن قربان علي مڱڻهار کي مٿي ۾ ڌڪ ھڻي زخمي ڪيو ۽ فرار ٿي وياهنن  اعلي اختيارين کان مطالبو ڪيوته   جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪري انهن کي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

5

مانجهند ڀرسان يو سي لاکا ۾  ايس يو پي طرفان سيد زين شاه سان ٻڌي جي اظهار، قومي ڪارڪنن جي آزادي ۽ بحريا ٽائون جي والار خلاف ريلي ڪڍي مين چوڪ تي ڌرڻو هنيو  ويو،  ريلي ۾ جسقم، ايس ٽي پي ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪئي ،  ان موقعي تي اڳواڻن علي نواز ڪنڀر نياز محمد کوسو لطيف پهنور ،شفيق خاصخيلي اصغر ميمڻ  ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  بحريا ٽائون انتظاميا زمينن تي زبردستي قبضا ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش پئي ڪري  جنهن خلاف احتجاج ڪرڻ تي پ پ سرڪار هزارين ڪارڪنن تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سوين بي گناه ڪارڪنن کي گرفتار ڪرايو آھي، هنن چيو ته  ڪيسن جي خوف کي ختم ڪرڻ لا ء سيد زين شاه پاڻمرادو گرفتاري پيش ڪئي جنهن تي کيس خراج پيش ڪيون ٿا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.