ڪشمور ، ڏھرڪي ، قاضي احمد ، پکو ۽ سوڀوديرو جون خبرون

ڪشمور: ڪچي واري علائقي ۾ جوابدارن جي فائرنگ ، هڪ ڄڻو قتل

 

ڏهرڪي:پارڪنگ ۾ بيٺل گاڏين کي باهه ، 3 ڪارون سڙي رک

 

قاضي احمد : ڏوهن جي وارداتن ۾ اضافو، هڪ ئي رات ۾ 2 واپارين جي چوري

 

پکو ۾ عورت  پاران  ڏير جي پُٽ جي زيادتين خلاف  احتجاج ، انصاف جو مطالبو

 

سوڀو ديرو واسڻ ناري جون اڳوڻي مڙس جي زيادتين خلاف دانهون

 

ڪشمور  جي ڪچي واري علائقي ڳوٺ غلام قادر سولنگي ۾ نامعلوم ھٿياربندن پسٽل جون گوليون هڻي 45 ورھين جي خاوند بخش سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو ، گذريل رات 4  وڳي جوابدارن گهر ۾ داخل ٿي  ننڊ پيل ڳوٺاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا،ڪشمور پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش تعلقه سول اسپتال منتقل ڪيو آهي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو،ڪشمور قتل ٿيل ڳوٺاڻي خاوند بخش سولنگي جي وارثن جو چوڻ آهي ته انهن جي ڪنهن سان به دشمني ناهي ،ناحق قتل ڪيو ويوآهي.

02

ڏهرڪي جي حسيني امام بارگاه ڀرسان رات جو پوئين پهر ۾ پارڪنگ ڪيل گاڏين کي باه لڳي  وئي جنهن سبب هڪ جي ايل آءِ  ، هڪ ڪلٽس ۽ هڪ مهراڻ ڪار سڙي رک ٿي ويون ، ٻڌايو پيو وڃي ته اها پارڪنگ اختر ملڪ جي پلاٽ ۾ هئي جتي اڪثر ماڻهو گاڏيون بيهاريندا هئا،  باه جا شعلا پيٽرول گيس سلينڊرن سبب  آسمان ڏانهن بلند هئا ، اطلاع باوجود فائر برگيڊ جو عملو تمام دير سان پهتو جيڪو سڏ پنڌ تي هئو ، ماڻهو مدد لاء ڪوڪون ڪري رهيا هئا پر ٽائون انتظاميه ننڊ ۾ ستل هئي،  کليل پلاٽ هجڻ ڪري باه سبب ٻيو ڪوبه نقصان نه ٿيو.

03

قاضي احمد شھر توڙي آسپاس ۾ ڏوهن تي ضابطو نه اچي سگھيو، گذريل رات نامعلوم چور شھر جي مک شاھي بازار مان واپاري بلاول ولد بکر ڏاهري ۽  الھڏتو ولد نظير احمد اعوان جي ٻن مڻيارڪي ۽  جوتن جي مانڊڙِين جا تالا ٽوڙي هزارين روپين جو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا،. متاثر واپارين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قاضي احمد شھر ۾ ڦرون ء چورين جون وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، شھري پاڻ کي بي يارو مددگار سمجهڻ لڳا، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي چورين تي ضابطو آڻي چوري ڪيل سامان واپس ڪرايو وڃي

04

پکو ۾ عورت  پاران  ڏير جي پُٽ جي زيادتين خلاف  احتجاج ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو  ويو، ڏيرا ٿاڻي جي حد ڳوٺ گھنور لھٻر واسڻ مسمات عجيبان جت , ڪوڙل ۽ ڌيءُ انم جت ساڻ ڪري پريس ڪلب اڳيان ڏير جي پُٽ نادر جت خلاف احتجاج ڪندي دانھيو ته سندس مڙس محمد موسي’ جت کي ملڪيت مان حصي ۾ 12 جريب زمين ملي آھي پر نادر جت ان تي قبضو ڪرڻ ٿو چاھي ۽ ھو ڏوھاري قسم جا ماڻھو وٺي اچي سندس گھر ۾ گھڙي هن تي ۽ ڌيئرن تي تشدد ڪري موتمار ڌمڪيون ڏئي ويو ، هن ٿاڻي تي پٽن خلاف ڪوڙا ڪيس به داخل ڪرايا آهن،   آخر ۾ ھُن اعلي’ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته خدارا ڏير جي پُٽ نادر جت جي ظلم کان بچائي کيس تحفظ ڏنو وڃي.

05

سوڀوديرو شھر جي رھواسڻ مسمات مومل شيخ زال وقار علي سامٽيو پنھنجن معصوم ٻارن کي ساڻ ڪري ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته سندس شادي باشن شيخ سان ٿيل ھئي جيڪو مون کي ۽ ٻچن کي خرچ پکو نه ڏيندو ھيو ۽ تشدد ڪندو ھيو جنھن مان مون کي ٽي ٻار ھڪ نياڻي ۽ ٻن پٽن جي اولاد ھئي  جنھن ڪيترو عرصو اڳ مون کان صغير ٻچا کسي   طلاق ڏئي گھر مان ڪڍي ڇڏيو ھو،  ان بعد هن  وقار علي سامٽيو سان شادي ڪئي ۽ پنھنجا صغير ٻچا حاصل ڪرڻ لاء گمبٽ جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو ته اڳوڻو مڙس باشن شيخ گمبٽ جي عدالت ۾ هن کي نياڻي حنا ۽ ھڪ پٽ ضامن علي حوالي ڪيا ۽ ھڪ پٽ ڪامران پاڻ سان گڏ رھايو،  ھاڻي اڳوڻو  مڙس وري ٻار واپس ڪرڻ لاءِ ڌمڪائي رهيوآهي، هن  آء جي سنڌ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته اڳوڻي مڙس ۽ ان جي ساٿارين کان خطرو آھي تحفظ فراھم ڪري انصاف ڏنو وڃي  .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.