اشرف غني جا پاڪستان تي سنگين الزام، عمران خان رد عمل ڏئي ڇڏيو

تاشقند(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان افغان صدر اشرف غني طرفان پاڪستان تي لڳايل الزامن کي رد ڪري ڇڏيو.

افغان صدر اشرف غني وچ ۽ ڏکڻ ايشيائي رابطا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پاڪستان تي الزام هنيو آهي ته پاڪستان مان 10 هزار ويڙهاڪ افغانستان ۾ داخل ٿيا.

اشرف غني وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڳالهيون نه ٿيون ته اسان طالبان جو مقابلو ڪنداسين، اِهو امن لاءِ آخري موقعو آهي.

اشرف غني جي الزامن تي وزير اعظم عمران خان رد عمل ڏيندي چيو ته پاڪستان تي اشرف غني طرفان الزام هنيا پيا وڃن جيڪي سراسر بي بنياد آهن.

عمران خان جو چوڻ هو ته افغانستان جي صورتحال جو ذميوار پاڪستان کي قرار ڏيڻ شديد ناانصافي آهي، دنيا ۾ ڪو ملڪ افغان امن جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪوششون ڪري رهيو آهي ته اُهو پاڪستان آهي، افغانستان ۾ امن جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ پاڪستان قربانيون ڏنيون.

پاڪستان جي وزير اعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته جڏهن اسان چئي رهيا هئاسين ته طالبان ڳالهيون ڪيو تڏهن ڳالهيون نه ڪيون ويون، هاڻ طالبان فتح حاصل ڪرڻ وارا آهن ته ڳالهيون ڏانهن پيا وڃون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.