افغانستان جا پاڪستان تي دراندازي جا الزام بي بنياد آهن: ڊي جي آءِ ايس آءِ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد چيو آهي ته دهشتگردن جا سمورا مرڪز افغانستان ۾ موجود آهن.

انٽر سروسز انٽيليجنس جي ڊائريڪٽر جنرل ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ۾ چيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن جو خواهشمند آهي، افغانستان طرفان پاڪستان تي دراندازي جا الزام بي بنياد آهن، حقيقت ۾ دراندازي افغانستان مان ٿي رهي آهي.

ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد چيو ته افغانستان ۾ ڪنهن ڌڙي جي حمايت نه پيا ڪيون، پاڪستان علائقائي سيڪيورٽي، واپار جي لاءِ خطي ۾ وڏي مقصد لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي.

دهشتگردي جا سمورا مرڪز افغانستان ۾ موجود آهن، اسان جي جوانن کي پاڪ افغان بارڊر بڻايو پيو وڃي، پاڪستان موقف واضح طور تي پيش ڪيو آهي، اهڙا الزام لڳندا رهيا ته حالتون بهتر نه ٿي سگهنديون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.