پاڪستان ۾ تيل اگهه سڄي خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي مسلسل وڌندڙ اگهن کي ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ واڌ جو سبب قرار ڏئي ڇڏيو.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري چيو  ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ مسلسل واڌ جي ڪري حڪومت وٽ تيل جي اگهن ۾ واڌ کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو نه هو.

هن چيو ته ان واڌ جي باوجود پاڪستان ۾ تيل جا اگهه سڄي خطي ۾ سڀ کان گهٽ آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.