شادي پلي ۾ ميڊيڪل اسٽور مالڪن جو احتجاج ڪيو

شادي پلي( ن ع آ ) اضافي ون پرسنٽ ٽيڪس نامنظور  وفاقي حڪومت طرفان دوائن تي ون پرسنٽ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ خلاف شادي پلي ۾ ميڊيڪل اسٽور ايسوسي ائشن جي سڏ تي ميڊيڪل اسٽور بند ڪري يونين اڳواڻ يارمحمد ڪنڀار جي اڳوڻي ۾ شادي پلي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي يارمحمد ڪنڀار  ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته  وفاقي حڪومت پاران دوائن جي تي هڪ پرسنٽ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ وارو فصلو عوام دشنمي آهي، هڪ ته مهانگائي مٿان وري ون پرسنٽ ٽيڪس سبب اسان ميڊيڪل اسٽور وارن جي سيل نه ھئڻ برابر آهي ۔ جڏهن ته اسان کي لائسنس هولڊر هئن باوجود نادري حڪم ڏنو ويو آهي ته ون پرسنٽ ٽيڪس ڏيو ۔جيڪو اسانجو معاشي قتل آهي، اسان وفاقي حڪومت جي اهڙي حڪم کي رد ڪيون ٿا ۽ اسان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته لاڳو ڪيل ون پرسنٽ ٽيڪس واپس ورتو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.