پ پ عوامي پارٽي آهي، پي ٽي آءِ بيروزگاري کانسواءِ ڪجهه ناهي ڏنو: بابر خان لنڊ

گھوٽڪي( ڊ ر ) پ پ  جي ضلعي صدر مير بابر خان لنڊ چيو آهي ته پ پ عوامي ۽ جمهوري پارٽي آهي جيڪا عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي ۽ هنگامي بنيادن تي ڪم پڻ ڪري رهي آهي، پي ٽي آءِ حڪومت عوام کي مهانگائي غربت ۽ بيروزگاري کان سواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، هن اهڙو اظهار ميونسپل ڪاميٽي گهوٽڪي جي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو مير بابر خان لنڊ وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ پي ٽي آءِ آهي، پي ٽي آء وارا نه ٿا چاهين ته سنڌ ترقي ڪري

ڪنڌڪوٽ ۾ آبادي جي عالمي ڏينهن تي ريلي

ڪنڌڪوٽ (ن ع آ) ڪنڌڪوٽ ضلعي پاپوليشن کاتي پاران آبادي جي  عالمي ڏينهن جي موقعي تي ضلعي آفيس گلشير محلي کان ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب تائين ريلي منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ سياسي،سماجي ۽ ڪاروباري ماڻهن سميت آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ضلعي پاپوليشن آفيسر ذوالفقار علي ڏيٿو،ڊپٽي ضلعي پاپوليشن آفيسر محمد دين ، ياسين بجاراڻي ، سجاد ملڪ،بهادرگولو ۽ ٻين چيو ته عورت ڪائنات جي تصوير آهي. جنهن سبب دنيا انسان جي لاءِ ممڪن ٿي وئي. جيڪڏهن ماءُ صحتمند هوندي ته خاندان صحتمند هوندو آهي هڪ صحتمند ماءُ خاندان جي صحت ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي آهي وڌيڪ  هن چيو ته ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ ٻن سالن جو کيرپيارڻ  لازمي آهي ، ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ ماءُ ۽ ٻار جي وچ ۾ وقفو وٺڻ ضروري آهي ، ان موقعي تي ضلعي آفيسر چيو عوامي شعور واري مهم هلندڙمهيني تائين جاري رهندي. هن چيوته عالمي صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي رپورٽ موجب وڌندڙ آبادي جي ڪري پاڪستان جي آبادي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي ، جنهن سبب ٻارن ۾ ڌيان ۽ تعليم ۾ گهٽتائي سميت کاڌخوراڪ جومسئلو ٿيو آهي. تربيت ۾ فرق آهي آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ خانداني منصوبه بندي جون آفيسون ۽ اسپتالون استعمال ڪري سگهجن ٿيون ريلي جا شرڪ آبادي ڪنٽرول جي لاءِ نعرا هڻي رهيا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.