خيرپور ۾پورهيت جو بااثرن ۽ پوليس خلاف احتجاج

خيرپور(ڊر)اي سيڪشن ٿاڻي جي حد اوستاگاهي محلي جي رهواسي معذور پورهيت فقير محمڊ ناريجو سندس نوجوان پٽ محمد ڏتل ناريجو خيرپور ۾ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جمعدار بااثر عبدالرحمٰن ناريجو سندس ساٿي جوابدارن ميهر علي ناريجو، اصغر علي، دلشير ناريجو ۽ ٻين سان گڏجي  اسان جي 3 هزار اسڪوائر فٽ تي تعمير ٿيل جڳهه گهر تي زبردستي قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي روڪڻ تان هيڊ ڪانسٽيبل عبدالرحمٰن ناريجو منهنجي پٽ کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي کيس ڌاڙيل بنائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، هنن چيو ته عبدالرحمٰن ناريجو جو تعلق خيرپور جي ڪچي واري علائقي سان آهي ۽ سندس واسطا ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين سان به آهن جنهن ڪري هو اسان کي قتل ڪرائڻ ۽ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌميڪون پڻ ڏئي رهيو آهي، هنن ٻڌايو ته قبضا مافيا عبدالرحمٰن ناريجو ۽ سندس ساٿين خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي فرياد کڻي وياسون پر پوليس ڪو به تدارڪ نٿي ڪري، هنن چيو ته افسوس آهي جو غريب ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ ڪو به قانون موجود ناهي، الٽو پوليس ۽ قانون قبضا مافيا ۽ بااثر جوابدارن جي سپورٽ ڪري رهيو آهي، هنن چيو ته پنهنجي وڪيل قربان علي ناريجو معرفت خيرپور جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرايو آهي، عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ايس ايس پي خيرپور سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي قبضا مافيا خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.