ڊگهڙي ۾ جلسو، ڀوري ڀيل کي پڳ ٻڌرائي وئي

ڊگهڙي(ت ر)ڊگھڙي ڀرسان ڪنگورو شاخ اسٽاپ تي اقليت برداري طرفان جلسو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ آس پاس جي علائقي مان  ڀيل، ڪولهي، ميگهواڙ، جوڳين سميت اقليت برداري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ مختلف برادرين طرفان سردار  ڀورو ڀيل کي پڳ ٻڌرائي اقليت برادري جو سردار چونڊيو ويو، اقليتي برادري جي ڪوٺايل تقريب ۾ برادري جي معززي شخصيتن سردار راجا بابا خاصخيلي، يوسف نوحاڻي،ڪانجي پٽيل، راڻو پٽيل، چوڌري خالد گل، سردار اشرف سولنگي ۽ ٻين معززن وڏي ناگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي تقريب کي سردار ڀورو ڀيل ۽ ٻين چيو ته پنهنجي اولاد کي بهتر تعليم سان گڏ پاڻ ۾ سڀ ويڇا وساري ٻڌي پيدا ڪريون ۽ اقليت برادري جي ڀلائي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري سندن خدمت ڪريون هنن چيو ته هاڻ اهو وقت گذري ويو جڏهن اقليت برادري جي قسمت جو فيصلو ڪو وڏو سيٺ واپاري ڪندو هاڻ اسان پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ پنهنجا فيصلا پاڻ ڪنداسين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.